Sunday, 29 May 2011

پاڪستان مسلم ليگ ن جي سياست ۽ سنڌ ۾ نئي ٺهندڙ اتحاد جا امڪان

پاڪستان مسلم ليگ ن جي سياست ۽  سنڌ ۾ نئي ٺهندڙ اتحاد جا امڪان

عبدالجبار ڀٽي

سياسي ۽ قومي مفادن لاءِ سياسي پارٽين جي سربراهن سان ملڻ، اتحاد ٺاهڻ ۽ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ۾ ڪو به هرج ڪو نهي. هونئن به سنڌ، پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ اهڙن سياسي اتحادن ۽ گڏيل جدوجهد جو گهر رهي آهي. قومپرست توڙي وفاق پرست  سياسي پارٽيون اهڙن اتحادن ۽ گڏيل جدوجهدن ۾ وڏو تجربو رکن ٿيون.  اهي سياسي اتحاد ڪڏهن قومي  ۽ ملڪي سياست کي ۾ بهتريون آڻڻ لاءِ ٺهندا آهن ته ڪڏهن وري  وڏي سرڪار جي اشاري تي ٺاهيا ويندا آهن. جڏهن ميان صاحب  جي پهرين دور حڪومت ۾ پونم اتحاد  ٺهيو هو ته ان ۾ پاڪستان مان سڀ اهي سياسي پارٽيون شامل ٿيون هيون جيڪي ننڍين قومن جي  نمائندگي ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن جي حقن جو آواز  به بڻيون هيون . تڏهن به انهن جي صدا اها ئي هئي ته پاڪستان اندر قومن کي برابري جي بنياد تي نه صرف هلايو وڃي پر انهن کي معاشي، سماجي، ثقافتي ۽ سياسي حق برابري جي بنيادن تي ڏنا وڃن. ان اتحاد جي بينر هيٺ ڏاڍي زور شور سان جدوجهد هلندي رهي. پاڪستان اندر ننڍين قومن جي حقن جي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي. انهن جلسن ۽ جلوس جي  ذريعي اهي سياسي سماجي ۽ معاشي حق ته ڪو نه مليا ۽ نه ئي اهي ملڻا هئا. نيٺ اهو اتحاد به مختلف اختلافن جي ور چڙهي ويو ۽ ان اتحاد ۾ شامل سياسي پارٽيون نيٺ ماٺ ڪري پنهنجي پراڻي ڌنڌي سان لڳي ويون.
                          
ان کان پهريان به، سائين جي ايم سيد جي موجودگي ۾ قومپرست سياسي پارٽين جو سنڌ قومي اتحاد نالي هڪ اتحاد ٺهيو هو. توڙي جو ان اتحاد تمام سٺا نتيجا  ڏنا هئا،  پر پوءِ به اهو اتحاد ڪجھ سببن جي ڪري هلي ڪونه سگھيو هو. اهڙي طرح سنڌ ۾ ٻيا به ڪيترائي اتحاد ٺهندا ۽ ڊهندا رهيا آهن. انهن سڀني جي سببن کي جانچي ڏسبو ته ڳالهيون مڙي ٻه چار ملنديون جيڪي ئي انهن اتحادين جي ٽٽڻ جو سبب بڻيون آهن.  مثال طور اتحاد ۾ شامل ڌرين جي حڪمت عملي تي هم آهنگي نه هئڻ،  اتحاد کي يرغمال ڪري پنهنجا ذاتي مفاد پورا ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ ، طئي ٿيل مقصد کان پاسيرو ٿيڻ،  اتحاد ذريعي پنهنجي ذاتي سگهه ۽ طاقت کي وڌائڻ ج بي وجا ڪوشش ڪرڻ يا  ان کان به وڏو مسئلو اڳواڻي تان رهندو آيو آهي.

ويجهڙائي ۾ سنڌ به اهڙن اتحاد جي پس منظر ۾ ٻه سٺا تجربا ڪيا آهن. هڪڙو تجربو ته سپنا وارو جيڪو هڪڙي لحاظ کان تمام سٺو ثابت ٿيو آهي. جنهن قومپرست سياست ۾ نوان رجحان ۽ لاڙا پڻ متعارف ڪرايا آهن. هي ئي واحد اتحاد رهيو آهي جنهن ۾ هر اتحادي سياسي پارٽي هڪٻئي کي ايڊجسٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. يقينن ان اتحاد کي ٽوڙن، ان ۾ ڏار وجهڻ يا ان کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي شعوري ۽ لاءِ شعوري ڪوششون ٿيون هونديون پر پوءِ به  سڀني ڪمزورين سان گڏ هي اتحاد بهتر نموني هلي سگهيو آهي.

انهيءَ کانپوءِ ٻيو وڏو تجربو سڌي قوم گهر شماري واري مسئلي تي گڏجي جدوجهد ڪرڻ تي ڪيو آهي. اها وڏي تبديلي ڏٺي ۽ سمجهي وڃي ٿي جنهن ۾ سڀئي قومپرست ۽ وفاق جي سياست ڪندڙ سياسي پارٽيون هڪڙي قومي مسئلي تي گڏ گڏ بيٺون آهن. انهيءَ ڳالهه سنڌ اندر ڪيترن ئي سڄاڻ ۽ پڙهيل لکيل ماڻهن اندر هڪ نئين سوچ ۽ نئين اميد پيدا ڪئي آهي. ان اميد مان ڦٽندڙ باک سنڌي قوم ۾ قومپرست سياست ڏانهن تبديل ٿيندڙ روين جا ٻج پڻ ڇٽيا آهن ۽ مختلف سياسي ۽ سماجي حلقن اندر بحث مباحثا به شروع ٿيا آهن.

اڳ وانگيان هي اتحاد به پنهنجي ڌرتي تي پنهنجن ماڻهن جي صحيح ۽ مڪمل ڳڻپ جي گهر  ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو آهي ۽ دنيا ۽ پاڪستان جي گهڻ گهرن کي اهو بار بار ٻڌائي رهيو هو ته بابا سنڌي قوم پنهنجي جدا تاريخ، ثقافت، ٻولي، وسيلن ۽ جاگرافي حدن سان الڳ ۽ نمايان حيثيت رکي ٿي. هن ڌرتي تي سنڌي ئي سڀ کان وڌيڪ ۽ ڌرتي ڌڻي آهي.ڇاڪاڻ جو پاڪستان اندر پنجابي پناهه گير ٽولي سدائي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪري انهن جي وسيلن ڦر لٽ  ۽ انهن جي شهرن تي قبضا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. خبر ناهي اهي الائي ڪهڙا سياسي ۽ معاشي مفاد آهن جيڪي ڪجھ  سياسي ڌرين کي ڪنن ۾ ڀڻڪا ڏئي انهن کي ماٺ ٿيڻ ، سستي ڏيکارڻ، پوئتي کسڪي وڃڻ  ۽ عدم دلچسپي واري روش ڏانهن وٺي وڃڻ چاهن ٿا. افسوس جو سنڌ ۽ سنڌين جي نالي تي سياست ڪرڻ وارن کي سنڌ جي مفادن کان مٿاهان ٻيا ڪهڙا مفاد، اچانڪ نظر اچي ويا آهن جن انهن کي خاموش ۽ ماٺ ڪرڻ لاءِ اتساهيو آهي.

جيڪڏهن اهي مفاد تخت لاهور جي نوابن جا اڱڻ تي ڏنل پيرڙا آهي ته پوءِ اها تاريخ ۾ سياسي غلطي سان گڏوگڏ سنڌ ۽ سنڌين سان ويساه گھاتي به ليکبي. ڇاڪاڻ جوگذريل ٻه ڏهاڪن جي تاريخ ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن جا عمل ڪهڙي سنڌي  جي اکين اڳيان اوجھل رهيا آهن. پاڪستان مسلم ليگ ن جيڪا پنهنجي جوهر ۾ پنجاب جي مفادن جي نگهبان ۽ نگراني ڪندڙ سياسي جماعت  کانسواءِ ڪجھ به ڪونه آهي . هي جماعت نظرياتي طور به وهابين ۽ صلافين جي نمائندا پارٽي رهي آهي جيڪا ڳالهه به سنڌ جي بنيادي روح، نظريي امن، رواداري ۽ ڀائيچاري جي بلڪل  ابتڙ آهي. ان هشي ته پاڪستان اندر مذهبي انتهاپسندي ۽ فرقيواريت جا ٻج ڇٽيا آهن. جنهن به سنڌ جي ان محبتي ۽ امن واري روح کي شيهو رسايو آهي. جنهن جو نتيجو اسان اتر سنڌ  ۾ وڌنڌڙ مذهبي انتهاپسندي جي شڪل ۾  ڏسي رهيا آهيون

ٽي وي چينل، اخبارون، اسيمبلين جي ايونن  ۾ ٿيندڙ تقريرون رڪارڊ تي موجود آهن جنهن مان پاڪستان مسلم ليگ ن ۾ ويٺل ماڻهن جي سنڌ ۽ بلوچستان ڏانهن روش جي پرک پوي ٿي. اهي ن ليگ جا اڳواڻ جيڪي پنجاب کانسواءِ پاڪستان جي باقي حصن، خصوصن سنڌ ۽ بلوچستان کي پنهنجي ڪالوني سمجهندا آهن  ۽ ورتاءُ به آقائن وارو ئي ڪندا آهن. جڏهن هو سنڌ ۽ بلوچستان سان مخاطب ٿيندا آهن ته ڄڻ ته هو ڪو پنهنجن غلامن سان مخاطب ٿيندا هجن.

محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي پهرين دور حڪومت  ۾ جڏهن سنگاپور جي ڪمپني جي معا هدي سان ڪيٽي بندر رٿا شروع ٿي هئي ته ان ڳالهه ان سڄي ٽولي کي چڙ ڏياري ڇڏي هئي ۽ انهن پنهنجي لاءِ اهو حدف ٺاهي ڇڏيو هو ته هو ان رٿا جون ڌڄيون اڏائي ڇڏيندا. پوءِ ٿيو به ائين ئي، محترم ميان نواز شريف صاحب پنهنجي حڪومت ۾ ايندي ئي سنڌين کي پهريون نياپو اهو ڏنو ته هن ان سڄي رٿا جنهن تي ڪروڙين رپيا خرچ ٿي چڪا هئا کي ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ ٻيو سنيهو  هي هو ته سوئي گئس ۽ پي آئي اي مان هزارن جي تعداد ۾ سنڌين کي نوڪرين مان ڪڍيو  ويو هو.

پاڻي سنڌ لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو بڻيل رهيو آهي. پر ان  سنڌ جي پاڻي ڏانهن  پاڪستان مسلم ليگ ن جو رويو ڪهڙو رهيو آهي، اهو به سڀني کي خبر آهي. جڏهن نواز شريف جي پهرين دور حڪومت ۾ مشهور 1991  وارو پاڻي معاهدو ٿيو هو تڏهن به سڄي سنڌ سراپا احتجاج ۾ هئي. اسان تڏهن به ان معاهدي کي سنڌ دشمن قراري ڏيندين سنڌ جي پاڻي چوري ڪرڻ جي سازش قرار ڏنو هو. پر پوءِ به سينا زوري ڪري ان معاهدي کي سنڌ مٿان زوري مڙهيو ويو هو. پر هاڻي ان ئي معاهدي تحت پنجاب سنڌ کي پاڻي ڏيڻ لاءِ تيار ڪونهي. مٿا وري وقفي وقفي سان ڪالاباغ ڊيم جو رينگٽ رچائيندا رهن ٿا. جڏهن به پنجاب کي پنهنجا مفاد پورا ڪرڻا هوندا آهن ته پاڪستان مسلم ليگ ن ڪالا باغ ڊيم جو هڏائون پڃرو قبر مان ڪڍي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪڻ وارا ڪم ڪندا رهندا آيا آهن.

ويجھڙائي ۾، پاڪستان مسلم ليگ ن جي مالڪ ڇوٽي ميان صاحب جو بيان تي ڪراچي کي الڳ صوبو ٺاهيو وڃي ڏيڻ جي باوجود به ميان صاحب الائي جي ڪهڙي خوشفهمي جي ڪوڙه ۾ ورتل آهي ته سنڌي سندس کي جيئن ۾ جايون ڏيندا. ميان صاحب کي ايترن سالن ۾ سنڌ جا قومپرست ۽ اديب هاڻي ياد پيا آهن جڏهن پاڪستان مسلم ليگ ن کي سياسي طرح  قومي ۽ بين القوامي سطح  تي اڪيلو ڪيو ويو آهي. جڏهن هن پنهنجا سڀئي دروازا بند ٿيندي ڏٺا تڏهن هن کي سياسي جياپي لاءِ صرف ڪهڙو ئي دڳ سجهيو پئي ته حڪمران جماعت کي بليڪ ميل ڪرڻ لا پي پي پي مخالف سياسي جماعتن سان هٿ ملائجي جيڪو صرف سنڌ ۾ ممڪن ٿي پئي سگھيو. جڏهن ميان صاحب سنڌ ۾ اچڻ جي پئي ڪئي ته هن کي هتان جي ڪجھ ڌرين اها پڪ ڏني هئي ته هن  جو وڏو آڌر ڀاءُ ڪيو ويندو. سڀ سنڌي  هٿن ۾ گلن جا هار کنيو بيٺا هوندا. پر ائين ٿيو ڪونه، ڇاڪاڻ جو اهو هو به ڀلي ڀت ڄاڻي پيو  ته پاڪستان مسلم ليگ ن  جي طرفان هيڏي وڏي مخالفت جي باوجود،  هيڏي وڏي سينا زوري ۽  سنڌ جي وحدانيت تي وار ڪرڻ کانپوءِ اهو ڪيئن ٿو ممڪن ٿي سگھي ته هن کي جيئن ۾ جايون ملن.

ويجھڙائي ۾  پاڪستان مسلم ليگ ن جي چونڊيل نمائندن سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي کي بڻائڻ جي ڀرپور نموني نه صرف مخالفت ڪئي پر ان کي ملڪ دشمن پڻ قرار ڏنو. يادگيريون ڌنڌليون ضرور ٿين ٿيون پرقومن کي پنهجن سڄڻن ۽ مخالفن جا وار ڪڏهن به  ٿا وسرن. سنڌي يادگيري جا ايڏا پڪا ته ڪو نه آهن پر ان جو هرگز اهو مقصد ڪونهي ته انهن کان اهي سڀ ڳالهيون وسري ويو هونديون جنهن جي ڪري هو گذريل 63 سالن کان ڀوڳيندا ٿا اچن.  
آءُ هڪڙي ڳالهه ته سمجھي سگھيو آهيان ته اتحاد، سمجھوتا ۽ گڏيل جدوجهد جا به ڪي اصول ٿين ٿا. جنهن جي بنياد تي مختلف پارٽيون گڏجي ويهي گڏيل مفادن جي حاصلات لاءِ  تحريڪ هلائينديون آهن. پر مونکي خبر ڪونهي ته پاڪستان مسلم ليگ ن جي ان سنڌ دشمن حڪمت عملي ۽ عمل جي باوجود به سنڌ جون ڪجهه قومپرست پارٽيون ان سان اتحاد لاءِ مانديون آهن. صرف انهيءَ لاءِ ته اهو اتحاد پي پي پي دشمن هوندو باقي سنڌ دوست ڪيترو هوندو، ڪهڙا کڙ تيل ڏيندو ۽ سنڌ جي ماڻهن کي ان مان ڪهڙو فائدو ٿيندو سا ڳالهه سندن لاءِ سروڪار جي آهي ئي ڪونه.  ڇا اهي ماڻهو ۽ سياسي پارٽي جيڪا گذريل ٻه ڏهاڪن دوران سنڌ دشمن ايجنڊا تي باقاعدگي سان عمل ڪندي آئي آهي اها ڪيئن ٿي سنڌ دوست ٿي سگهي.

تنهنڪري جيڪي سياسي پارٽيون انهن سنڌ دشمن ٽولي سان اتحادي ٿيڻ لاءِ وڏا ساهه کڻي رهيون آهن انهن کي شايد اڄ جي ان نئين سنڌ جي سوچ وسري وئي آهي. ڇاڪاڻ جو اڄ هر اهو سوچيندڙ ۽  سڄاڻ سنڌي انهن سڀني اتحادن ۽ سنڌ جي مفادن کي چڱي ريت سمجهي ٿو. تنهنڪري اهڙيون سياسي پارٽيون جيڪي سنڌ جي مفادن ۽ سنڌي قوم  خوشحالي ۽ جياپي جي ڳالهه ڪن ٿيون انهن کي پنهنجا سياسي قبلا درست ڪرڻا پوندا تڏهن  ئي وڃي اهي سنڌ جي سوچيندڙ ذهن، سياسي ڪارڪن ۽ سنڌي ماڻهن جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ فڪرمند رهندڙ فردن جي دلين ۾ ڪا جاءِ والاري سگهندا.








Friday, 27 May 2011

The cases of extrajudicial killing has got nonstop in Sindh & Balochistan, Pakistan

The cases of extrajudicial killing has got nonstop in Sindh & Balochistan
The cases of extrajudicial killing has got nonstop in Sindh. Every day, newspapers and TV channels are filled with deceased bodies, assassinated by unknown persons, police personnel and law enforcement agencies. On the one hand, Pakistan is claimed to be a democratic state where its citizens are entitled to entertain basic and fundamental human rights. Where state organs keep on saying that people of Pakistan have rights of expression, right to access to information and right to be associated for their general development and collective cause, and, when she talks to the global community, it ensures implementation of international covenant on Civil and Political rights. Reports presented in human rights council of United Nations are seemed to be ambitious and based on fake & bogus data.
But, what is happening on the ground, media is eye witness for this. Hundreds and thousands of people are being killed, disappeared, and tortured, burnt alive etc, but no action is being taken against culprits, offenders and the killers of humanity. It indicates clearly that State and Government are on the side of those hidden hands that have crossed all the limitations of civilization and humanity, and exposed to be beyond of any rules and regulations.
In short period of time, it is second unusual event of its kind in Sindh that people are being killed and their faces are disfigured and burnt. Initial reports from different sources have pointed out that police and personnel from intelligence agencies are involved in such kind of incidents in Sindh & Balochistan. In fact, this is cruel and inhuman act on either part.
On May 7, 2011, two young people Mr Abdullah and Mr Nazeer Jatoi, in village Piaral Umrani, on Ratodero Road, near Larkana have been shoot to dead and their faces have been disfigured so that these faces could not be recognized. Being heirs of Indus Civilization, Moen Jo Daro, Harapa Civilization and followers of Sachal Sarmast, Shah Abdul Latif and Bulay Shah, Baba Fareed etc, Who taught us love humanity, tolerance, peace and dignity. They preached to love human being, irrespective of any difference. They struggled for peace and eternal rest. They taught us that this is in the interest of the entire universe to protect the collective cause, support the collective peace and entire humanity etc, but, we followers and devotees turned blind eyes from their teachings, hence, are facing such cruelties and atrocities by state and certain departments like police, military and enforcement and spy agencies. It is because they want to maintain their rules and want to prolong their luxuries and kingdoms for their vested and illegal interests.
There is no such rule, constitution; bill and declaration passed/approved by the states and religions that allow any force, group and individuals to kill, assassinate and murder any person without bring him/her to court, but within Pakistan such practices are continued. State itself is not following its rule and has allowed certain groups to take life of any person when and where they wish just over the pretext of enemy and allegedly involved in anti state activities.
Pakistan is sovereign and independent country where sugar-coated rules and regulations are written. Policies are drafted. Constitutions are chalked out describing the powers of different organs of state and governments. Development plans are generated, after every five years for the development and prosperity of the people of Pakistan. But in the name peoples development, upper class and ruling families are getting developed and getting richer. Everything is there in Pakistan like natural resources, human resources, minds to be used for the general development and seeking solutions of each social and civic disease, but what we lack is pro people leadership, law and order situation to be improved, implementation of so called constitutions, policies, laws and rules and regulations and ensuring biding of every state organs to exercise their powers. And government should ensure that Police and Army are given guns in their hands for the protection of people not for the killing of their own people.
Now, there is time to translate the promises, claims and slogans of 63 years into reality. Now, there is time to give power to the people to make their own decisions for their own development. Now, there is time to treat its citizens equally and with due honor and dignity, rather than shooting them dead, just because they have different onions and beliefs for their personal life. 
If there is wish to make peace within the country, and if there is thinking to let Pakistan remain on the Globe for longer period of time, one has to come forward for initiating real change and pro people change on the ground.  
Being human rights defender and protector, we strongly condemn such inhuman and uncivilized act of human rights violation to stop extrajudicial killings, in Sindh and Balochistan, and urge from the government of Pakistan to take immediate actions to safeguard the lives of People of Pakistan across the country.
Regards,

Jabbar Bhatti



Political Murders and International Human Rights Bills

Political Murders and International Human Rights Bills

Jabbar


Few days ago, I attended training on Indigenous People, Human Rights and Advocacy in Baguio city, Philippines. Training was all about the functions of UN Human Rights Mechanism and how International Human Rights Laws are working to protect the rights of Individuals and Indigenous communities across the World. Experts from Sydney University and former UN affiliated persons facilitated the different sessions and discussed on the various International Human Rights bills and declarations. Among others, main two international covenants on Civil and Political Rights and Economical, Social and Cultural Rights were discussed in detail.

Under these two international covenants, ratifying states have obligations to protect the rights of their citizens like right to food, education, work, housing, self determination, participate in their cultural activities and right to form association for their civil and political rights etc.  

Apart from, states also develop their own laws and constitutions for the protection of their citizens, but since the creation of Pakistan Sindh and Balochistan are severely facing violation of these national and international laws and state is promoting violation of these human rights laws by giving perpetrators and violators support and letting them move freely around the country.

Some time, it comes into my mind creating disturbance that how international community, human rights organizations and institutions have kept mum over the mascaras of human being, in developing countries. Political leaders, members, human rights activists, and individuals who have devoted their life for the cause of poor, deprived, excluded people are murdered, assassinated, kidnapped, disappeared and burned in day light and all the international and national laws, human rights bills and declarations, institutions and departments are handicapped, incapable and powerless to bring these culprits and violators to court of justice.

Human Rights situation is deteriorating day by day in Pakistan. On the other hand world is developing laws, constitutions, policies and passing resolution to protect human being with the dignity and entitlement of basic rights for his/her survival, but in Pakistan Individuals and nations are put into the condition of sever insecurity, fear, alienation and deprivations, resulting in, nations and individuals are thinking for the other options for their development and for their security and for their peace.

Everywhere in the world, middle class and civil society play pivotal role for bringing peace and calm in society by standing up on the side of people who are deprived, who are suppressed and forced to turn blind eyes over the entire atrocities and cruelties of state. But, middle class and civil society in Pakistan are in deep slumber and day dreaming for metaphysical forces to come to bring peace, justice and protect rights to every individual. Civil society, middle class and so called political parties are overwhelmed with disguised disease that have locked their touges and does not allow them to dare to talk on and speak up saying wrong to wrong. In addition, civil society and compromising middle class are ready to protest and speak against the terrorism, target killings and all other violations committed by non state actors, but when State is terrorizing their citizen they are keeping mum, they are not ready to even comments, because they cannot sacrifice their luxuries, their airplane tickets and bogus honor they are given by state organs on different occasions.

This is the reason that since the creation of Pakistan Sindh and Balochistan are facing adverse state terrorism and people from these two nations are detained, hanged murdered, disappeared, shoot up etc under the auspices of State. People are salved by keeping them away from their own resources, by imposing them political system and let them governed by imported leaders and power mongers etc.   

Basic rights of these nations are thrown into dustbin. State has declared free from the entire obligation she has under certain national and international bindings. But, state has promised to protect their rights and interest of few hundred families and dominating nations across the Pakistan.

In recent past, when governor of Punjab and Federal Minister of Minority was killed by terrorists, civil society and middle class across the Pakistan stood up and chanted slogans of human rights violations and urging from the state to detain perpetrators immediately, but, when social and political leaders and members are being killed in Sindh and Balochistan, civil society and middle class are not ready to talk against these atrocities, inhumanities and state terrorism.

Such attitudes on the part of civil society and middle classy would is condemnable and disappointing. Therefore, civil society and middle class from across the Pakistan should stand up to fight with evil forces who want to spoil the nations and damaging to the unity of Pakistan. Pakistan in itself is nothing, but it is the assembly of four nations and this is the responsibility of all conscious persons and thinking minds to resist and urge form the state to stop killing political leaders and members who are fighting for the rights of their nations. 


Jabbar Bhatti 





       

Destiny is still Away

اڃا منزل پري آهي
ليکڪ: عبدالجبار ڀٽي

قومن جي تاريخ جڙڻ ۾ ثقافت ۽ تهذيب جو وڏو عمل دخل رهيو آهي. اهي ثقافتي عمل ئي هوندا آهن جيڪي قوم اندر سڀني گروهن، مختلف فقهن ۽ خيال رکندڙ ماڻهن  ۽ فردن کي هڪڙي پليٽ فارم تي گڏ ڪري انهن کي پنهنجي ثقافت سان هيڪڙائي ۽ گڏيل محبت جي اظهار جو موقعو فراهم ڪندا آهن.
جڏهن 4 ڊسمبر 2009ع تي سنڌ جي سڀني وارثن هڪ آواز ٿي پنهنجي ثقافت ۽ تهذيب کي محبت جي ڀيٽا ڏني هئي، ته مون ۾ ان خيال جا گؤنچ ڦٽڻ شروع ٿيا هئا ته موجوده دور ۾ ثقافت ئي هڪ اهڙو سگهارو هٿيار ٿي سگهي ٿو، جنهن کي استعمال ڪندي سنڌي ماڻهو نه صرف پنهنجا حق وٺي سگهن ٿا پر ملڪي ۽ بين الاقوامي سطح تي پنهنجي هڪ نمايان  ۽  الڳ حيثيت پڻ مڃرائي سگهن ٿا. ثقافتي ڏينهن ملهائڻ ۽ ثقافت کي هڪ سگهاري هٿيار  طور استعمال ڪري پنهنجي حيثيت مڃرائڻ ڪا نئين ڳالهه ڪونهي. دنيا اندر مختلف قومون ائين ڪنديون رهيون آهن. سنڌ ۾ به ائين ٿيندو رهيو آهي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جڏهن سنڌ جا حق ڦٻايا ويا ۽ سنڌي ماڻهن کي سياسي طرح ڀت سان لڳائڻ شروع ڪيو ويو هو، تڏهن سنڌ جي عظيم رهبرن ۽ اڳواڻن  حيدر بخش جتوئي ۽ جي.ايم. سيد، انهي ثقافت واري  لاڙي کي متعارف ڪرائي سنڌ اندر هڪ نئين جدت ۽ تحريڪ پيدا ڪئي هئي ۽ ان تحريڪ سنڌي ماڻهن ۾هڪ نئين سگهه ۽ قوت پيدا ڪئي هئي، ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو سنڌي ماڻهن پنهنجي تاريخ، ٻولي ۽ ثقافت کي سمجهندي پنهنجن ويرين خلاف استعمال ڪرڻ شروع ڪيو هو.  ان تحريڪ جي نتيجي ۾ ئي سنڌ جي ثقافت دنيا سان متعارف ٿي هئي. ان تحريڪ منظم طرح سان سنڌي ماڻهن ۾ سنڌ جي قومي  ثقافتي روايتن کي متعارف ڪرايو ۽ سنڌي ماڻهن کي سنڌ جي سماجي ۽ قومي ڪردارن بابت آگاهي ڏني. انهي کان پوءِ سنڌ جي ثقافت کي مختلف پهلوئن کان سمجهڻ لاءِ ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا. انهي لکيل مواد ذريعي دنيا کي هن عظيم ۽ قديم ثقافت ۽ تهذيب جي ڄاڻ ڏني وئي. اهو سهرو يقينن جي. ايم. سيد جي سر تي ئي اچي ٿو. اهڙي طرح دنيا سان هن عظيم ۽ قديم تهذيب ۽ ثقافت جو تعارف ٿيڻ شروع ٿيو هو.
تنهن کان پوءِ جڏهن هن سال 2010ع ۾ نه صرف سنڌ اندر پر سڄي دنيا ۾ سنڌ جي ثقافت  سان ايڪتا جا ڏينهن ملهايا ويا. تنهن نه صرف سنڌ دشمن قوتن کي ڇرڪائي ڇڏيو پر انهن جا ڪن به کڙڪائي ڇڏيا جن سالن تائين سنڌي ماڻهن ۽ ان جي ٻولي ۽ ثقافت کي پٺتي ڌڪڻ ۾ ڪائي ڪثر ڪانه ڇڏي هئي.
آءٌ جس ٿو ڏيان انهن سڀني ڌرين ۽ ماڻهن کي جن ثقافت ۽ ايڪتا جا ڏينهن نه صرف ملهايا پر ڪيترن ئي ڏينهن تائين سنڌي قوم کي انهن لاءِ اتساهيندا ۽ مائل ڪندا رهيا.  اهڙا ئي مثبت ڪردار ۽ عمل جيڪي قومن کي پٽ تان کڻي آسمان تائين پهچائيندا آهن. اهڙا اتساهيندڙ عمل ئي هوندا آهن جيڪي قومن کي دنيا سان متعارف ڪرائيندا آهن ۽ ترقي يافته قومن سان سامهون ٿي بيهڻ لاءِ موقعا فراهم ڪندا آهن. اهڙن عملن جي ڪري قومن جي ثقافت نه صرف اجاگر ٿيندي آهي پر دنيا اندر انهن جي هڪ خاص قسم جي اهميت ۽ مقام جڙندو آهي.
تنهن ڪري  آءٌ بطور سنڌي هجڻ جي سنڌ جي هر انهي فرد ۽ ميڊيا جي چئنلن کي مبارڪباد ڏيان ٿو جيڪي سنڌي قوم کي ثقافت ۽ ايڪتا جي ڏينهن تي متحرڪ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا. دنيا ڏٺو ته سنڌي قوم پنهنجي پوشاڪ، پنهنجي تهذيب ۽ پنهنجي ثقافت سان هڪ ٿي محبت ۽ اڪير جو اظهار ڪيو  ۽ هر اهو سنڌي جيڪو دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهي ٿو ان پنهنجي ثقافت سان محبت جو اظهار  مختلف طريقن سان ڪيو.
ان سڄي مهم دوران ڪيترن ماڻهن طرفان سنڌي ثقافت ۽ ايڪتا جي حوالي سان نئين نڪور شاعري سرجي آئي ۽ اها نئين تخليق سالن تائين ان ثقافت ۾ روح ڦوڪيندي رهندي. ڪيترن ئي شاعرن، اديبن ۽ لکيڪن پنهنجي ٻولي پنهنجي ثقافت ۽ ٻڌي کي مختلف ڀيٽائون ڏنيون جيڪي به سنڌي ثقافت کي وڌڻ ويجهڻ ۽ ان کي وڌيڪ سگهارو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون.
هن سڄي عمل دوران ٻي سٺي ڳالهه هي به ٿي آهي ته اجرڪ ۽ ٽوپي ٺاهيندڙ صنعت کي هٿي ملي آهي. هزارين اهي خاندن جن جو گذر سفر ٽوپي ۽ اجرڪ ٺاهڻ تي هوندو هو، انهن کي پنهنجن ٻچن جي اهنجن کي گهٽائڻ جو هڪ خوبصورت موقعو مليو آهي. ٽين ڳالهه هي به ٿي آهي ته اهي ماڻهو جيڪي مغربي پوشاڪ کان انتهائي گهڻو متاثر هيا ۽ عملي زندگي ۾ به انهي پوشاڪ ۾ پنهنجي سونهن ۽ سوڀيا ڏٺي هئي، انهن سنڌي ٽوپي  ۽ اجرڪ ڏانهن لاڙو ڪيو آهي. کوڙ سارا اهي ماڻهو جن کي ٽوپي اجرڪ ته ٺهيو پر شلوار قميص پائيندي به ڦڪائي محسوس ٿيندي هئي، انهن ان ڏينهن تي شلوار قميص ۽ اجرڪ ٽوپي پائي سرهائي پئي محسوس ڪئي. ان ڏينهن تي سنڌي ماڻهو ڄڻ ثقافت ۽ ايڪتا جا ڏينهن ملهائڻ بدران جيت ۽ جشن ڏيڻ جا ڏينهن ملهائيندا هجن. ٻوڏ جي تباهڪاري ڄڻ کين ياد ئي نه هئي.
انهن ڏينهن تي ڄڻ ائين لڳي رهيو هو ته سنڌي قوم سالن کان پوءِ پير صبغت الله شاهه راشدي، شهيد الله بخش سومرو، عبدالمجيد سنڌي ۽ جي ايم سيد جا سنيها سمجهندا ۽ ورهائيندا هجن. مون کي ته ائين لڳي رهيو هو ته اسين موهن جي دڙي جي اهميت کي هاڻي سمجهيو آهي. اسان کي سنڌو جي سينڌ ۾ لڪل حُسن به هاڻي ئي نظر آيو آهي. هر طرف ايتري ته خوشي، جوش ۽ ولولو هو ڄڻ ته سڀني جي چپن تي هوش  محمد شيدي جا اهي ٻول ٻُرندا هجن ته “مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون”
ثقافت جا ڏينهن ڄڻ ته اسان لاءِ جيت ۽ سوڀ جا ڏينهن هجن، ڄڻ ته سنڌي قوم پاڪستان ۾ ٿيندڙ انهن سڀني ناانصافي ۽ اڻ برابري واري ورتاءُ خلاف اعلان جنگ ڪندا هجن. ڄڻ ته انهي قبضا خور پنجابي، پناهه گير ٽولي کي پنهنجي شڪست اکين سان ڏيکاريندا هجن، جن گذريل 63 سالن ۾ سنڌي ثقافت، ٻولي ۽ ايڪتا کي نه صرف نظرانداز ڪيو آهي پر انهي کي مٽائڻ ۽ فنا ڪرڻ ۾ مختلف اٽڪلون ۽ حرفت بازيون استعمال ڪيون آهن.
هي جيڪا ماروي واري حب پنهنجي وطن ۽ پنهنجي ڏوٿيئڙن لاءِ پيدا ٿي آهي ان کي وڌائڻ ۽ ان کي گهڻ طرفي اظهار ڏانهن وٺي وڃڻ جي ضرورت آهي. “اسان کي پنهنجي ثقافت، تهذيب کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اڃا وڌيڪ منظم  ۽  منصوبه بندي تحت قدم کڻڻا پوندا. هي جيڪو اظهار سنڌ جي جهر جهنگ، وستي واهڻ ۽ هر ننڍي  ۽ وڏي شهر مان اڀريو آهي ان کي پر اثر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هي ملهايل ڏينهن ته صرف ٽيلر هئا اڃا سڄي فلم ته باقي رهيل آهي جنهن کي هلائڻ جي ضرورت آهي. اسان ته صرف ٽوپي ۽ اجرڪ ڏينهن ملهايا آهن جيڪو ثقافت جو هڪ حصو آهن. پر پوري ثقافت پوشاڪ تي بيٺل ڪين آهي. ثقافت ۾ ته ٻولي به اچي ٿي، ثقافت ۾ فنون لطيف به اچي ٿو، اسان جون ريتون، رسمون، اسان جي اٿڻي ويهڻي ۽ سماجي ۽  قومي رويا به اچي وڃن ٿا، جن کي به ملهائڻ ۽ اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي.
سنڌي ميڊيا جو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن تي اهو احسان ٿيندو جو هو هن شروع ڪيل ريس ۽ سنڌ سان محبت جو  اظهار واري گوءِ کي ٻين سنڌي ۽ قومي مسئلن تائين کڻي وڃن. جن سان نه صرف سنڌ جي بقا سلهاڙيل آهي. پر سنڌ جي ترقي  ۽ خوشحالي به سندن ئي مسئلن سان منسوب آهي. هاڻي سنڌي ٻولي جا ڏينهن به ملهائڻ گهرجن. اها ٻولي جيڪا دنيا جي قديم ٻولين مان هڪ آهي، جنهن جو دنيا جي چند ٻولين وانگر رسم الخط پنهنجو آهي. جنهن جي لغت ۾  ڪيترن ئي لفظن، معنائن ۽ مفهومن جو ذخيرو آهي جيڪو سنڌي ٻولي جي آسودگي کي ظاهر ڪري ٿو. هي سنڌي ٻولي اها ٻولي آهي، جنهن جي وڪالت لاءِ هر ننڍي وڏي پڙهيل لکيل سنڌي نه صرف ڳالهايو آهي پر هر محاذ تي وڙهيو به آهي. شيخ اياز جڏهن سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر هيو ته هن کي اسلام آباد ۾ هڪ هنڌ ٻولي تي ڳالهائڻ جو موقعو مليو، هن اتي دنيا جي ماڻهن اڳيان جتي خود ذوالفقار علي ڀٽو پڻ ويٺل هو، سنڌي ٻولي جو ڪيس ڀرپور نموني سان رکيو ۽ ٻڌندڙ کي مڃرائڻ ۾ ڪامياب ويو ته سنڌي هڪ عظيم ۽ قديمي ٻولي آهي جنهن کي پاڪستان اندر قومي ٻولي جو درجو ملڻ کپي. سنڌي ٻولي کي  ممتاز ڀٽي جي چيف منسٽر واري دور ۾ اڪثريتي راءِ سان سنڌ اسيمبلي مان بل پاس ڪري قومي ٻولي جو درجو ڏنو ويو هو، پر ذوالفقار ڀٽي کي سنڌي ٻولي جي قومي ٻولي ٿيڻ ۾ خطرو محسوس ٿيو هو جنهن پوءِ ڪجهه پناهگيرن جي چوڻ تي پنهنجا صدارتي اختيار استعمال ڪندي سنڌ اسيمبلي جي پاس ڪيل بل کي رد ڪري سالن جي دز چڙهيل خانن ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو. اسان کي اڃا پنهنجي شاهوڪار  ۽ وسيع ٻولي کي به نه صرف بچائڻ جي ضرورت آهي پر ان کي هٿ وٺرائي دنيا اندر متعارف ڪرائڻ جي پڻ ضرورت آهي.
اهڙي طرح تعليم جنهن کي ثقافت ۽ ٻولي جي وڌڻ ۽ ويجهڻ لاءِ هڪ سگهارو هٿيار سمجهيو ويندو آهي،  ان جي حالت اسان ۽ توهان کان ڳجهي ڪين آهي. ٻهراڙي جا اسڪول ته ڀوتارن جو اوطاقون بڻيل آهن. ماستر ويچارڙا پڙهائڻ جي بدران نه وڃڻ لاءِ سفارش تي سڄو وقت وڃائڻ کي ترجيح ڏين ٿا. ڪاليج ۽ يونيورسٽين ۾ هڪڙا اهڙا فرد ۽ گروهه بڇيا ويا آهن جيڪي به هڪ الڳ ايجنڊا تي ڪم ڪندي ڪڏهن ڪلاس جا بائيڪاٽ ڪرائڻ ۾ مصروف آهن ته ڪڏهن گولين جا فائر ڪري معصوم شاگردن کي ڊيڄارين ۽ حراسين ٿا. انهي سڄي ماحول مان شاگرد جڏهن ڊگريون وٺي ٻاهر نڪرن ٿا ته انهن کي سٺي طرح سان پنهنجا سبجيڪٽ به نٿا اچن. تعليم ڏانهن اهڙي ڇسي ۽ لاپرواهي واري رويي، اسان جي نئين نسل کي ڪتابن سان اوپرائپ وڌائي ڇڏي آهي. ستر ۽ اسي واري ڏهاڪي ۾ سنڌ اندر تاريخ، ادب، سياست ۽ شاعري پڙهڻ جو تمام گهڻو رجحان هوندو هو جيڪو  هاڻي آهستي آهستي ختم ٿيندو وڃي ٿو. نوجوانن ۾ مهيني ۾ سيل فون  تبديل ڪرڻ جو رجحان ته زور پڪڙيندو ٿو وڃي پر هو مهيني اندر هڪڙو ڪتاب به وٺڻ لاءِ تيار ڪونه آهن. هي تعليم ۽ علم جي ايڏي وڏي تباهي.... اچو  ته انهيءَ کي بچائي، نوجوانن ۾ پڙهڻ ۽ استادن کي پنهنجون ذميواريون پابندي سان نڀائڻ لاءِ مهم هلايون ته جيئن اسان جو نئون نسل دنيا جي جديد علم سان سرشار ٿي  بين الاقوامي سطح تي سائنس، فلسفي، تاريخ  ۽ ادب ۾ پنهنجو نالو ڪڍرائي سگهي ۽ نوبل انعام وٺندڙن جي فهرست ۾ شامل ٿي سگهي.
سنڌ کي وري محمد امين کوسي، الاهي بخش سومري، عبدالمجيد سنڌي ۽ جي ايم سيد جهڙن سگهارن ۽ مخلص ڪردارن جي ضرورت آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جهڙن عظيم رهبرن جي ضرورت آهي. اهو تڏهن ٿي سگهندو جڏهن اسين سڀ پنهنجي تعليم کي بچائڻ لاءِ گڏيل  ۽ سنجيده ڪردار ادا ڪري سگهنداسين.
اهڙي طرح اسان کي اڃا گهڻن محاذن تي جنگ جوٽڻي آهي. اسان جي وسيلن جي مالڪي به هڪ اهڙو ئي سنگين ۽ اهم مسئلو آهي. اسان کي هن موجوده نظام ۾ برابري واري شموليت ۽ شرڪت کي يقيني بنائڻ لاءِ به ائين ئي هڪ ٿيڻو پوندو. چيو ويندو آهي ته معاشي طاقت ئي سياسي ۽   سماجي طاقتن جو تعين ڪندي آهي. تنهن ڪري وسيلن جي مالڪي ۾ ئي اصل طاقت  ۽ جياپو آهي. تنهن ڪري ضروري آهي ته اسان کي پنهنجي تيل، گئس، ڪوئلو، سمونڊ  ۽ ٻين اڪيچار قدرتي وسيلن جي مالڪي لاءِ مهم هلائڻ گهرجي.
اسان کي پنهنجي تاريخ، تمدن ۽ تاريخي ماڳ بچائڻ لاءِ به اهڙي قسم جون زور شور سان مهمون هلائڻ جي ضرورت آهي. ته جيئن نظرانداز ٿيل موهن جو دڙو، رني ڪوٽ، ڪوٽڏيجي، گورک جهڙا شاندار ۽ شاهڪار ماڳ بچائي  انهن کي دنيا اندر متعارف ڪرائي سگهجي.
اسان جي سنڌي سازن ۾ ايڏو ته مٺاس ۽ محبت  سمائيل آهي جو جڏهن بينن جو آواز هوا ۾ گونجڻ لڳندو آهي ته آسمان ۾ اڏامندڙ پکي به رقص ۾ شروع ٿي ويندا آهن. جڏهن ٿر ۾ واري جي ڀٽن ۽ ڪارونجهر جي ڪڇ ۾ چارڻ چنگ وڄائيندو آهي ته ڪي ئي ٻيجل سر تري تي رکي سندس ڳولا لاءِ نڪري پوندا آهن. جڏهن جبلن ۾ مورو ڳايو ويندو هو ته اڙهاگا پنڌ به سولا ۽آسان ٿي پوندا هئا. اسان جي ته مرلي به مئل ماڻهو ۾ ساهه وجهي ٿي ڇڏي. اها موسيقي جي ايڏي وڏي کاڻ اسان کي ئي ته بچائڻي آهي.
اسان کي اڃا پنهنجي جيجل سنڌ جي سينڌ سنوارڻ ۽ سونهن ۾ چار چنڊ لڳائڻ لاءِ به هڙان وڙان پنهنجي سگهه ۽ طاقت جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. اسان کي حقيقي خوشي تڏهن ئي ملندي  جڏهن اسان جو هي گڏيل اظهار گڏيل سياسي طاقت جو روپ اختيار ڪندو. تڏهن ئي اسين پنهنجي ان سياسي طاقت کي استعمال ڪندي پنهنجو ڪردار عالمي سطح تي نڀائي سگهنداسين. جڏهن ان گڏيل طاقت جو استعمال اسان جي پنهنجي منشا مطابق هوندو تڏهن ئي سنڌ اولهه ۽ اوڀر ۾ پل وارو ڪردار ادا ڪري سگهندي. تڏهن ئي اسين سنڌي پنهنجي صوفي بزرگن جي درس جو صحيح پرچار ڪري عالمي امن ۾ اثرائتو حصو وجهي سگهنداسين. جنهن لاءِ علامه آءِ آءِ قاضي چوندو رهيو هو ته سنڌ کي انهن صالحين جي ضرورت آهي  جيڪي سنڌ جو تعارف دنيا سان هڪڙي الڳ طريقي سان ڪرائين. اهو تعارف ڪري پنهنجي جوهر ۾ گهڻ معنائون ۽ گهڻ رخو هئڻ گهرجي جيڪو سنڌ ۽ سنڌين جو دنيا جي گولي تي هڪ الڳ مقام جوڙي ۽ سنڌي به دنيا ۾ اڀرندڙ ۽ تهذيب يافته قومن ۾ شمار ٿيڻ جي سٿ ۾ شامل ٿي سگهي ۽ قومي، سياسي پارٽين جو وڏي ۾ وڏو ڪم اهو آهي ته هو اهڙا صالحين پيدا ڪن.
تنهن ڪري منهنجي انهن سڀني ڌرين، ميڊيا، سياسي رهنمائن، ساڃاهه وند فردن ۽ قومي ڪاڄ جي سڏ ڏيندڙن کي التجا آهي ته : “منزل اڃا پري آهي. 2011ع ۾ جڏهن سنڌي قوم اجرڪ، ٽوپي ،ثقافتي لباس پائي پنهنجن سنڌي سازن ۽ لوڪ گيتن سميت روڊن تي نڪري ايندا ته  دنيا ڏسي حيران ڪيئن نه ٿيندي ته جتي سڄي دنيا ۾ دهشتگردي ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هجي اتي سنڌي قوم پرامن ۽ محبتي طريقي سان دنيا سان مخاطب ٿئي صرف انهي لاءِ ته جئين دنيا کي ٻڌائي سگھي ته سنڌي قوم  هزارن سالن جي تاريخ رکي ٿي. سنڌ  اڪيچار قدرتي وسيلن سان مالا مال آهن. اسان جي ثقافت ۽ تهذيب ۾ ايتري ته ڪشش ۽ طاقت آهي جو هو دنيا جي امن ۾ پنهنجو سگھارو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. پر پو ءِ به اسان جا ماڻهو بکايل پيٽن سان رات جو ننڊون ڪن ٿا پو ءِ به  کين ڊيڄاري انهن جون ننڊون کسيون وڃن ٿيون. نوجوان نوڪريون نه ملڻ ڪري خودڪشيون ڪن ٿا. ٻهراڙي جا اهي سادا ماڻهو پوليس ۽ وڏيرن جي ظلم کان تنگ ٿي پنهنجي لڄ بچائڻ لاءِ هٿيار کڻن ٿا. اهي غريب هاري ۽ مزدور غربت جي ڪري پنهنجا جگر جا ٽڪڙا وڪڻن ٿا. ٻهراڙين ۾ ڌاڙيل بڇيا وڃن ٿا ته شهرن ۾ دهشتگرد.
هن وقت جيڪڏهن ضرورت آهي ته صرف اسان کي سچي نيت ۽ ايمانداري جي ضرورت آهي، باقي ته سڀ ڪم سولا ۽ ٿيڻ جوڳا ڏسبا اچن ٿا. بس شل ڀٽ ڌڻي جون هي سٽون سمجهي انهن کي هنيانءُ سان هنڊايون.”

کُهي جي کنيائين، وک تني ويجهو ڪيو
ڇڪي ڇنائين، پنڌ مڙيو پٻ جو

G M Syed, Zulfi Bhutto & Pakistan

جي ايم سيد، ذلفي ڀٽو ۽ پاڪستان

عبدالجبار ڀٽي

1920ع ۾ جي ايم سيد جڏهن پهريون ڀيرو سن ريلوي اسٽيشن تي جناح جي دوري دوران سندس آجيان لاءِ بيٺو هيو ته هن جي اڳيان سياست جا مفهوم عبادت ۽ رياضت وارا هئا. هن اهو طئي ڪري ڇڏيو هو ته سنڌ جيجل جي خدمت صرف انهيءَ ئي طريقي سان ڪري سگهجي ٿي. اهي شروعاتي ڏينهن هئا جڏهن جي. ايم. سيد  سياست ۾ پير پائڻ شروع ڪيا هئا. تنهن ڏينهن کان وٺي سيد سياست کي عبادت ۽ رياضت سمجهي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ وقف ٿي ويو.
هن جي خيالن، خوابن ۾ خوشحالي جو محور صرف ۽ صرف سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو رهيا. هن ڪانگريس کي به صرف انهي لاءِ الوداع ڪيو ته ان سنڌ جي مفادن جي خلاف سنڌي هندن کي استعمال ڪيو. ان کان پوءِ هيءُ جڏهن مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ته هن کان وڏي چڪ اها ٿي ته هن ان پارٽي جيڪا ٺوڳين ۽ مفاد پرست ٽولن جي هٿان يرغمال هئي، کي سنڌ جي خوشحالي لاءِ مضبوط ڪارڊ سمجهيو. جڏهن سيد، صبغت الله شاهه ۽ الهه بخش سومري کي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ دعوت ڏيڻ ويو ته انهن به هن کي چٽي نموني سان چيو ته شاهه توکي مسلم ليگ جي تڏهن خبر پوندي، جڏهن پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ يوپي جي دماغ ۽ پنجاب جي سپاهي هٿان سنڌ کي يرغمال ۽ غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙجندو ڏسندين. انهن جا اهي لفظ نصورا سچ ثابت ٿيا ۽ جي. ايم. سيد کي نيٺ انهيءَ سڄي تجربي ۽ ٺهيل سوچ مجبور ڪيو ته هو پاڪستان کان عليحدگي جو نعرو بلند ڪري. هي اهو سيد آهي جنهن پاڪستان کي ٺاهڻ لاءِ پنهنجا سک، چين ۽ ننڊون ڦٽائي سنڌ جي قومي اسيمبلي مان پاڪستان لاءِ قرارداد پاس ڪرائي. هي اهو ئي پوڙهو سيد آهي جيڪو نه صرف باني پاڪستان آهي پر سنڌ سان ٿيندڙ هر زيادتي، پهچندڙ اهنج تي مقابلي ۾ بيٺل رهيو ۽ دشمن ڌر سان منهن مقابل ٿيندو رهيو. اقتدار جي هوس جا بکيا، جن جو دين ڌرم اقتدار ۽ پئسا هئا، انهن سيد جي زندگي جي آخري گهڙين تائين هن کي قيد ڪيو.
ذوالفقار علي ڀٽو جنهن جي سياست جي شروعات ڊيڊي کان ٿئي ٿي ۽ ٻن ڏهاڪن اندر جيل، ڪال ڪوٺڙي کان ٿيندي ڦاهي جي ڦندي تي ختم ٿئي ٿي. جي. ايم. سيد وانگر هن جا به ڪيئي گناهه هئا پر پهريون گناهه هن جو هي هيو ته هن جي ثرير ۾ سنڌ جي مٽيءَ جي خوشبوءِ هئي جيڪا ئي ان طبقي ۽ گروهه لاءِ، جنهن سنڌ جي بربادي ۾ پنهنجي بقا ڳولهي لڌي هئي، واسينگ نانگ  جيان ڏنگيندي رهي. جڏهن ذلفي ڀٽي 1967ع ۾ پنهنجي پارٽي جو اعلان لاهور ۾ ڪيو هو ته اها ڳالهه انهن لاءِ چئلينج بڻجي آڪاش ۾ سدائين کنوڻ جيان چمڪندي رهي ۽ انهي گروهه جن پاڪستان ۾ پنجابين ۽ مهاجرن کان سواءِ ڪنهن کي به ڏسڻ نه پئي چاهيو وجهه ڳوليندا رهيا. پهريان هن کي بنگالين جي خلاف استعمال ڪري، ملڪ جي جمهوري سگهه کي ٽوڙي پوءِ انهن سنڌي قوم کي سبق ڏيڻ چاهيو پئي، ڇاڪاڻ جو بنگالين کان پوءِ سنڌ ئي اها واحد ڌرتي هئي جتان علم، عقل، ذهانت ۽ خود داري ڦٽي نڪرڻي هئي. ڇاڪاڻ جو هي ئي اها قوم هئي جيڪا، پنج هزار سال پراڻي تهذيب  جي ڌڻي ۽ ان کي وڌائيندڙ هئي. هي ئي اها قوم ۽ مٽي هئي جيڪا عالم انسان جي لاءِ پيار ۽ امن جو پيغام ڏيندڙ ثابت ٿئي ها ڇاڪاڻ جو ان جي شرير ۾ پنج هزار سالن جو روح، امن ۽ پيار ڦهلائيندڙ صوفي بزرگن جا روح هئا. جيڪي قومون ۽ ماڻهو ٻين جي ڌن، دولت، ذهانت کي غلام بڻائي انهن کي دٻائي پنهنجا پيٽ پاليندا هجن، اهي ان سنڌي ماڻهو کي جيڪو ارڏو، بيباڪ، سينو ساهيندڙ ۽ حڪم نه مڃيندڙ هجي ان پنهنجي آڏو دنيا سان مخاطب ٿيندي، دنيا جو هيرو ٿي اڀري يا دنيا اندر سنڌ جو نالو ڪڍرائي، ڪيئن برداشت ڪندا. اهي ماڻهو اهو سڀ ڪجهه ڪيئن سهي سگهندا ته سنڌ جيڪا انهن جي اک ۾ ڪنڊي جيان چڀي ٿي ان جو ماڻهو دنيا ۾ پنهنجي پٺيان سنڌي سڃاڻپ کڻي دنيا سان عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري ۽ دنيا کي اهو محسوس ڪرائي ته سنڌ ڌرتي ئي آهي جنهن جا ماڻهو ذهانت جي انهي درجي تي پهچن ٿا جيڪي نه صرف پنهنجي ڌرتي پر عالمي سطح تي به پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن جيڪا ڳالهه ئي انهي طبقي لاءِ ناگزير لڳي ٿي پئي، نه ته ذلفي ڀٽي سڄي سنڌ کي پٺي ڏئي پاڪستان کي مضبوط ترين ڪرڻ لاءِ وسان ڪين گهٽايو هو. هي ئي اهو ماڻهو هو جنهن سنڌ اسيمبلي جي پاس ٿيل سنڌي ٻولي جي قومي ٻولي واري بل تي پنهنجا صدارتي اختيار ڪتب آڻيندي رد ڪيو هو. هي ئي اهو ماڻهو هو جيڪو ون يونٽ دوران به سنڌ جي خلاف انهن ماڻهن سان گڏ بيٺو هو.
چون ٿا ته ذلفي ڀٽو ان ڪاميٽي ۾ شامل هيو جڏهن سنڌ جو پاڻي انڊيا کي وڪرو ڪيو پئي ويو، هن سنڌ جي مفادن جي پرواهه نه ڪندي  پنهنجي نوڪري پڪي ڪرڻ کي ترجيح ڏني. جڏهن سنڌ طاس معاهدو ڪيو پئي ويو ته هن ٻڻڪ به ٻاهر ڪونه ڪڍي هئي پر سنڌ جي بربادي جو تماشو پنهنجي اکين سان ڏسندو رهيو. لکين بنگالين جو ڪوس ڪري جڏهن هن کي تخت ڏنو ويو ته هي سڀ ڪجهه، 24 سالن جون قومن سان ٿيندڙ زيادتيون، ڦرلٽ ۽ يرغمال ڪرڻ جا سڀ  ڏانءَ ۽ گس وساري ويٺو ۽ انهن جي ذهنن ۾ پچندڙ پلاءُ به هن جي بلا جهڙي ذهانت ۽ عقل کان واجهيل رهي. ذلفي ڀٽو پنهنجي طاقت جي نشي ۾ ايترو ته محو ٿي ويو جو هن اڳيان قومون، قومن جا حق، معاشرتي معيار جنهن ۾ ملڪ جا سڀ رهواسي برابري جي بنياد تي سڀني سهولتن ۽ حقن کي حاصل ڪري سگهن، وسري ويا.
هن پنهنجي نوڪري کي پڪو ڪرڻ لاءِ غريب هارين ۽ مزدورن جي ٽئڪس جو پيسو نيوڪليئر بم ٺاهڻ ۾ خرچ ڪرڻ شروع ڪيو. شروع ۾ ته اها ڳالهه فوج، وڏي سرڪار ۽ مفاد پرست ٽولي کي وڻندي رهي، پر جڏهن انهن ڏٺو ته اهو ڀٽو جيڪو سنڌي به آهي، عقل ۽ ذهانت به قهر جي اٿس، ڪيئن ٿو دنيا ۾ مقبول ۽ خود پاڪستان جي عوام اندر مقبول ٿي سگهي. هن کان اهو سڀ ڪجهه وسري ويو ته هو هڪ اهڙي مٽيءَ جو ٺهيل آهي جنهن جي تاريخ انهن جي منهن تي چماٽ مثل آهي. توڻي جو هن ڪيترائي اهڙا ڪم ڪيا جيڪي پنجابي اڳواڻ ۽ فوجي قيادت صدين جي سفر ۾ به نه ڪري سگهن. جيئن هن پنهنجي ڊپلوميسي، هنر جي ذريعي انڊيا کان 93 هزار فوجي ڇڏائڻ سان گڏوگڏ پاڪستان جا قبضي هيٺ آيل ڪيترائي علائقا پڻ ڇڏايا.
هن جو اهو ڪم به انهن جي نظر ۾ جرم هيو جو سڄي دنيا جي بااثر مسلمان اڳواڻن کي اسلام آباد ۽ لاهور ڪٺو ڪري مسلم دنيا جو هيرو بڻجي ويو. هن جي ان عمل پاڪستان کي مسلم دنيا جي اڳواڻي وارو ڪم سونپي ڇڏيو، جنهن سان نه صرف پاڪستان جو ڳاٽ اوچو ٿيو هو، پر دنيا جي نقشي تي هڪ الڳ حيثيت ٺهي هئي. هي اهو ئي سنڌي اڳواڻ هيو جنهن يو اين ۾ دنيا جي جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪندي بائيڪاٽ ڪيو هو، توڙي جو ان عمل هن لاءِ ڪيترائي رايا جوڙيا ويا هئا ۽ هن لاءِ دنيا اندر منفي تاثر پڻ ٺهيو هو، پر اها بيباڪي صرف ۽ صرف هڪ سنڌي اڳواڻ ۾ ئي ٿي سگهي ٿي. هن جي غلطين ۾ اها به غلطي شامل ٿئي ٿي ته هن چين سان دوستي کي مضبوط ڪرڻ سان گڏوگڏ، روس لاءِ سافٽ ڪارنر رکيو پئي. هن اهو چيو پئي ته افغان جنگ ۾ روسين سان وڙهڻ پاڪستان لاءِ هرگز فائدي مند ڪونهي، بلڪه گهوٽالي جو سبب بڻبو. انهن سان گڏوگڏ ٻيا به ڪيترائي عمل هئا جن هن کي ڦاهي جي ڦندي لاءِ ڪواليفائيڊ ڪيو. ڇاڪاڻ جو اهي ڳالهيون نه صرف هتان جي گروهه ۽ مفاد پرست ٽولي کي وڻيون پر جيڪي انهن جا عالمي سطح تي ساٿاري ٿيندا هئا، انهن لاءِ اڻ وڻندڙ هيون.
هڪڙي پاسي ذلفي ڀٽي جي شهرت  ۾ مقامي ۽ عالمي سطح تي اضافو ٿيندو ويو ته ٻئي طرف انهن جي بي چيني ۾ شدت ايندي وئي. ڇاڪاڻ جو انهن جا مفاد ڪمزور ۽ ڏٻري پاڪستان ۾ هئا، جنهن ۾ عوام سهولتن کان محروم، غير سياسي ۽ پنهنجن بنيادي حقن لاءِ ئي مس ساهه کڻندو هجين. ڇاڪاڻ جو اهي حالتون سياستدان کي خوار، ذليل ۽ بدنام ڪن ٿيون ته اهي پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن لاءِ ڪجهه به نٿا ڪن ۽ صرف ۽ صرف پنهنجا ڀڀ ڀرين ٿا. نتيجي ۾ فوجي آمريت کي جمهوريت کي پنهنجي لانگ بوٽ هيٺيان آڻي قابو ڪرڻ جو وجهه ملي ٿو ۽ ماڻهو به تبديلي کي مثبت سمجهي ماٺ ۾ ويهي رهن ٿا.
پريشان ڪندڙ ۽ حيرت جي ڳالهه اها آهي ته جنهن ماڻهو پاڪستان کي ٺاهڻ جي، مضبوط ڪرڻ جي، ملڪ کي خوشحالي جي گس تي وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته انهي کي نظر بندي ۾ رکي ماريو ويو آهي، انهي کي جيل ۾ اذيتون ڏئي ڦاهي تي لٽڪايو ويو آهي ۽ انهي کي لکين ماڻهن جي وچ ۾ ليز گن سان اڏايو ويو آهي. هڪڙي طرف سنڌ جنهن پاڪستان کي ٺاهيو، قرباني ڏني ۽ مضبوط ڪيو ته ٻئي طرف پنجاب ۽ مهاجر ٽولي جنهن ملڪ کي ٽوڙيو، ڦريو ۽ لٽيو آهي انهن جي غاصب سوچ، يرغمالي واري روش ۽ ڦرلٽ وارو لاڙو 64 سالن کان پوءِ  به ختم نه ٿو ٿئي نه ئي سڌرڻ ۾ اڳڀرائي ڪري ٿو ته پوءِ به اڃا 5 ڪروڙ سنڌي صبغت الله شاهه راشدي، شهيد الهه بخش سومري ۽ جي. ايم. سيد جي واٽ کي سمجهڻ کان ڪن لاٽار ڇو ٿا ڪن.
ڇا اسان اڃا انهن خوشفهمين ۾ مبتلا ٿي جمهوريت جي کٽ راڳ ۾ پنهنجون صلاحيتون، توانائيون ۽ وسيلن کي ڪتب آڻيندا رهندا سين، ڇا اسان لاءِ ذلفي ڀٽو، جي. ايم. سيد ۽ محترمه بينظير ڀٽو واضح ۽ چٽا مثال ڪونه آهن ته انهن پاڪستان کي نه صرف ٺاهڻ، پر ان جي ترقي، واڌ ويجهه ۽ دنيا اندر ان جو مثال قائم ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر ڪانه ڇڏي، پر موٽ ۾ ملڪ جي ان ٽولي ڀٽي سان اهڙو حشر ڪيو جو هو 4/3 اپريل واري رات ڦاهي جي ڦندي تائين ته هلڻ جهڙو نه رهيو هو ايترو ڪمزور ۽ هيڻو ٿي چڪو هو. جڏهن 24 مارچ 1979ع تي سپريم ڪورٽ آخري رحم جي اپيل به رد ڪئي هئي ته راولپنڊي واري سڄي جيل عملي جا رويا ساڻس ايترا ته تبديل ٿي ويا هئا جو ڀٽو صاحب پنهنجي بي وسي جي عالم ۾ ايترو ٻڏي ويو جو هو ڪنهن کي مي           ار به نه پيو ڏئي سگهي. پنهنجو پاڻ کي ايترو ته هيڻو  محسوس ڪيائين جو آخري لمحن ۾ وصيت نامو به لکي نه سگهيو ڇاڪاڻ جو هن جا خيال ۽ سوچون ايترو ته وکرجي ويون هيون جو هو انهن کي سهيڙي نه پئي سگهيو. ساڳئي طرح اهو ظالم ۽ لٽيرن جو ٽولو جي. ايم. سيد کي بيماري جي بستري تي ڏسي انتظار ڪندو رهيو ته ڪڏهن ٿو دنيا ڇڏي پر هن کي پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ جي اجازت نه ڏنائون. ڇا اها انساني حقن جي ڀڃڪڙيءَ جي زمري ۾ نٿي اچي. پر انساني حق ته آهن ئي انهن لاءِ. انهن لٽيرن کي ته صرف کپن مفاد ۽ عياشيون .مطلب ته ان ڳٺ جوڙ ڪندڙ ٽولي سنڌي ماڻهن کي سدائين ڀت سان هنيو آهي. سدائين ارهه زورائي ڪئي آهي، سدائين يرغمال ۽ زبردستي ڪئي آهي. سدائين سنڌ مان نڪتل تيل، گئس، ٻيا اڪيچار معدنيات کڻائي وري انهن لاءِ سنڌي ماڻهن کي سڪايو آهي. هڪڙي پاسي وسيلن تي قبضا، سياست ۽ معاشي طرح ڪمزور ڪري ٻئي پاسي شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ رهزن پاليا ويا آهن. جنهن سبب هڪڙو سنڌي  به نه صرف پنهنجن شهرن ۾ پرڳوٺن ۾ سڪون نه ڪري سگهي، بس جتي رهي ڊپ ۽ خوف ۾ رهي. سنڌي ماڻهن کي ايترو ته نفسياتي خوف بڇيو ويو آهي جو هي هٿيار ڏسندي ئي بچاءَ جا گس ڳولڻ شروع ڪري، ڀلي اهو هٿيار فوج جي سپاهي وٽ هجي، ٻهراڙي جي پاليل ڌاڙيل وٽ هجي يا شهرن ۾ بڇيل دهشت گرد وٽ هجي. اهي وقتي ڏاڍايون، جبر، اصلوڪن ماڻهن کي ۽ پنهنجن کي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ اقليت ۾ تبديل ڪندڙ سازشي قوتن کي تاريخ نروار ضرور ڪندي. سنڌي قوم جنهن جي ثرير ۾ سچل، مخدوم بلاول، هوشو، هيمون ڪالاڻي، روپلو ڪولهي، دودو ۽ صوفي شاهه عنايت مندون مٽائي ايندا رهن ٿا. انهن کي ختم نٿو ڪري سگهجي.  جنهن قوم کي شاهه لطيف ۽ جي. ايم. سيد جا سبق ياد ڪرايل هجن اها قوم شڪست ڪٿان ٿي کائي سگهي. هي ته اها قوم آهي جنهن دنيا جي جنگجو چنگيز خان سان به مهاڏو اٽڪايو ۽ هلاڪو کي پنهنجي ڌرتي تي ٽڪڻ نه ڏنو. اسان کي پورو ويساهه آهي ته جيستائين هي مٽي پنهنجي ڪک مان هوشو، هيمون ۽ روپلا ڄڻيندي رهندي تيستائين سنڌ دنيا جي نقشي تي دائم ۽ قائم رهندي. اي ڀٽا توکان شايد اقتدار جي نشي ۾ اهو سڀ وسري ويو هو ته تنهنجي جسم ۾ به سنڌ جي مٽي مليل آهي، تڏهن ئي ته تو ڀل ۾ ئي سهي، جيل ۾ پنجابين ڏانهن اشارو ڪندي چيو هو ته توهان ڀلي پاڪستان ۾ رهو اسان سنڌو ديش ٺاهينداسين. جيڪڏهن تون پنهنجي انهي قول تي قائم رهين ها ۽ پنهنجي اولاد کي به اهو ئي درس ڏين ها ته شايد ڀٽن جو مقام ۽ سنڌ جي حيثيت اڄ ٻي هجي ها، جنهن ۾ نه جي. ايم. سيد کي ايڏيون تڪليفون ملن ها ۽ نه مرتضى گولين جو کاڄ بڻجي ها ۽ نه شهيد راڻي ڪنهن گمنام ڏيهه ڏانهن اڏري وڃي ها، شل اهو سڀ ڪجهه تون سمجهي سگهين ها

Talks for creating Peace Globally & Sindh

عالمي امن لاءِ هلندڙ ڳالهيون ۽ سنڌ

ليکڪ: عبدالجبار ڀٽي

                 عالمي امن لاءِ هلندڙ ڳالهين جو دائرو ۽ ان جي گهرج ڏينهون ڏينهن وڌندي وڃي ٿي. اهي ڳالهيون ۽ بحث هاڻي ڊرائنگ رومن مان نڪري عالمي پاليسين جو حصو ٿينديون وڃن ٿيون. ڇاڪاڻ جو دنيا ۾ امن پسند ماڻهن ۽ انسانيت جي پاسداري لاءِ اٿندڙ آواز  انهي ڳالهه تي متفق آهن ته هي وڌندڙ نفرت، اڻ سهپ ۽ ٻين جي مال غنيمت تي قبضا خوري واري حوس انساني نسل لاءِ خطرناڪ حد تائين نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿي. ملڪن ۽ ماڻهن وچ ۾ مذهبن جي بنيادن تي وڌندڙ ويڇا، فرقيواريت، معاشي سماجي ۽ سياسي اڻ برابري، اسٽيٽسڪو جي بنياد تي ٺهيل مائينڊسيٽ، نسلي بدتري ۽ لساني طاقت جو ڏيکاءُ ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۾ واضح ويڇن جون لڪيرون ڪڍي ڇڏيون آهن.
ماڻهن  انساني دائري مان نڪري مختلف طبقن ۽ گروهن جي پيدا ڪيل معيارن کي اپنائڻ شروع ڪيو آهي. نتيجي ۾ هڪڙي پاسي اهو مراعت يافته طبقو زندگي جي هر مادي سهولتن سان سرشار لڳو پيو آهي جنهن جي اڳيان زندگي جا ماپا ۽ معيار بنهي مختلف ۽ الڳ قسم جا آهن ته ٻي پاسي اهو غريب طبقو جنهن وٽ پيٽ جي بک ۽ اڃ اجهائڻ لاءِ به واٽ ڪونهي. اهو طبقو پنهنجي پيٽ جي بک اجهائڻ لاءِ ڪيترائي ڪڌا ڪم ڪرڻ تي مجبور ٿيو آهي، اها بک ئي بنيادي ضرورت آهي جيڪا ڪلين مان ڦٽل گلن جهڙن ٻارن کي گهٽين ۽ روڊن تي ٻين جي اڳيان هٿ ٽنگڻ تي مجبور ڪري ٿي. اها بک ئي آهي جيڪا بازارن ۾ جسم  فروشي ڪرائي ٿي. ان بک جي شدت اڃا ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي جيڪا والدين کي بازارن ۾ ٻچن وڪڻڻ تي مجبور ڪري ٿي. پر ڪجهه ماڻهو ته ان بک جي تاس کي نه سهي سگهندي پنهنجي زندگين جو ڏيئو هميشه لاءِ اجهائي ڇڏين ٿا ته وري ڪجهه ماڻهو بک جي ديوي کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ هٿن ۾هٿيار کڻي بي راهه روي جو شڪار ٿين ٿا ۽ پنهنجي زندگي کي اهڙي دلدل ۾ ڦاسائي ڇڏين ٿا جتان واپسي جو رستو صرف ۽ صرف ذلتن وارو ئي هجي ٿو.
عالمي امن تي ڳالهايو ته گهڻو ئي وڃي ٿو پر ان تي عملي قدم نه هئڻ جي برابر کنيا وڃن ٿا. عالمي سطح تي امن جو ٺيڪيدار سڏائيندڙ آمريڪا سڀني ملڪن سان وڙهڻ لاءِ تيار ويٺو آهي ۽ سڀني کان بظاهر هڪ ئي گهر اٿس ته جوهري هٿيارن جو ڦهلاءُ دنيا ۾ تباهي آڻيندو ۽ هو اهو محسوس ڪري ٿو ته ان کي روڪڻ لاءِ مناسب قدم کنيا وڃن. پر هو پاڻ جوهري هٿيارن جي عدم ڦهلاءُ واري عالمي معاهدي تي صحيح ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي. هي اهڙي ئي ڳالهه چئبي جيئن مولوي حضرات صرف نصيحتون ئي ڪندا رهندا آهن پر پاڻ انهن تي عمل ناهن ڪندا.
اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو ته هڪڙي پاسي توهان ملڪن کي اربين رپين جا هٿيار وڪڻو،  اسرائيل جهڙي راڪشس ملڪ کي هر قسم جي مدد ۽ سهڪار فراهم ڪري هزارين فلسطينين جو ڪوس ڪرايو، عراق جهڙي تيل جي امير ملڪ ۾ پنهنجون بيٺڪون قائم ڪري پنهنجن ملڪن جي ماڻهن کي سستو تيل فراهم ڪيو. وري مٿان عالمي لٺ سردار ثابت ٿيڻ لاءِ امن، ڀائيچاري ۽ رواداري واريون ڳالهيون اڇلائيندا رهو. هڪڙي پاسي امن جون ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون ته ٻي پاسي ايران ۽ ڪوريا جهڙن ملڪن تي حملن لاءِ ٺڳي جي ٺاهه جهڙا دهمان ۽ انتشار ڦهلائيندڙ نعرا هنيا وڃن ٿا.
عالمي امن لاءِ ضروري آهي ته برابري جي بنياد تي سڀني ڌرين کي گڏ ڪري عالم انسان جي بقا، سک ۽ شانتي لاءِ ڪا گڏيل حڪمت عملي جوڙي وڃي ۽ ان کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ ڪي ضابطا، اصول ۽ گڏيل قائدا ٺاهيا وڃن. اهي سڀ قائدا ۽ اصول شخصي، گروهي، معاشي ۽ سياسي هٻڇ کان بالاتر ۽ مٿانهان هجڻ گهرجن. هن ڌرتي جي گولي تي جيڪي به 192 ملڪ پنهنجي آزاد حيثيت ۾ وجود رکن ٿا انهن جي الڳ ۽ آزاد حيثيت کي مان ڏيندي انهن کي برابري جي بنياد تي عالمي امن ۾شريڪ ڪرڻ گهرجي ۽ انهن ملڪن ۾ رهندڙ قومن  کي برابري جي بنياد تي وسيلن جي ورڇ لاءِ گڏيل حڪمت عمليون جوڙڻ کانسواءِ عالمي امن صرف خوابن جون ڳالهيون ئي ٿي سگهن ٿيون.
پاڪستان جاگرافي بيهڪ جي لحاظ کان عالمي امن  ۾ نمايان حيثيت رکي ٿو. تنهن ڪري عالمي امن پاڪستان جي امن سان ڳنڍيل، بلڪه مشروط پڻ آهي. ويجهڙائي ۾ پنجاب جي گورنر سلمان تاثير جي مرڻ، هڪ دفعو ٻيهر امن لاءِ ٿيل ڳالهين ۽ عملن کي پٺتي ڌڪي ڇڏيو آهي. روشن خيال ۽ پڙهيل لکيل طبقي امن، برداشت ۽ سهپ جي ضرورت تي شد ۽ مد سان نه صرف ڳالهائڻ شروع ڪيو آهي پر رياستي ۽ حڪومتي ادارن کان اها گهر پڻ ڪئي آهي ته  انهن گروهن ۽ جماعتن خلاف قدم کنيا وڃن جيڪي مذهبي جنونيت، فرقيواريت ۽ ڪنهن مخصوص فرقي ۽ نظريي جي غلبي جو پچار ڪن ٿا ۽ ماڻهن ۾ فساد ۽ نفرتن جو ٻج ڇٽين ٿا. پر هتي هڪڙي ڳالهه سمجهڻ جهڙي آهي ته جڏهن امن جي ڳالهه ٿئي ٿي ته اتي مذهبي جنونيت، فرقيواريت ۽ اڻ سهپ واري فلسفي کانسواءِ به ٻيا ڪيترائي جزا آهن جيڪي ملڪن ۽ قومن وچ ۾ امن جي تباهي جا ڪارڻ آهن. معاشي ۽ سياسي اڻ برابري به ماڻهن ۾ احساس محرومي وڌائي ٿي جيڪا ئي کيس غربت ڏانهن ڌڪي ٿي، جنهن جي ڪري ئي ماڻهو مختلف سماجي ۽ معاشرتي بيمارين جي ور چڙهن ٿا ۽ ڪيترائي غير اخلاقي، غير انساني ۽ غير مهذبي رستا اختيار ڪن ٿا. سنڌ ته اها ڌرتي آهي جتي پيار، پريت ۽ امن ڄڻ ته هتي جون روايتون هونديون هيون. جڏهن بهار جي مند ايندي هئي ته سنڌ جا ماڻهو گلاب جا گل ورهائيندا هئا. هڪڙو ته اهڙو به قبيلو هوندو هو جيڪو سڄي سنڌ ۾ پيار ۽ پريت ورهائي ماڻهن کي بهار جي آمد جو اطلاع ڏيندو هو. شيخ اياز انهن ئي ماڻهن لاءِ هيئن چيو هو ته؛
عشق اسان وٽ آرائين جيئن
آيو جهول ڀري، الا ڪوئي ڪيئن ڪري
سنڌ ته اها ڌرتي هوندي هئي جتي ماکي، مکڻ، کير ڄڻ ته هتان جي ماڻهن جو ديسي کاڌو هوندو هو. سنڌ جي خوشحالي ڏورانهين ديسن تائين مشهور هوندي هئي. اهي به ڏينهن هوندا هئا  جڏهن انگريز ۽ فرينچ جي وچ ۾ سنڌ سان واپار ڪرڻ تي چٽا ڀيٽي هوندي هئي. صدين تائين سنڌ ۾ ماڻهو بنا تفريق، بنا ويڇي ۽ فرق جي هڪ ڪٽنب جيان رهندا هئا. سنڌ ڄڻ ته هڪ ڪٽنب جيان لڳندي هئي. سنڌي ماڻهو ته صدين تائين هن ڌرتي تي تسبيح جي داڻن وانگر گڏ ۽ ڳنڍيل رهيا آهن. سنڌ جا ماڻهو ته ٺهيل ئي ان  مٽي مان آهن جيڪا ڳوهيل ئي سهپ، پيار، پريت ۽ امن جي پاڻي سان آهي. تاريخ شاهد آهي ته سنڌي ماڻهن جنگون به پنهنجي دفاع واريون لڙيون آهن.  ڪڏهن به اڳرائي ڪري وڃي ڪنهن تي ڪاهه نه ڪئي اٿن. پر جي وري ڪنهن سان پنهنجي دفاعي جنگ وڙهي اٿن ته انهن کي ٽوٽا چٻائي ڇڏيا اٿن. سنڌي قوم، پاڪستان اندر پنهنجي امن، سهپ، صوفي ازم واري روش جي ڪري سڄي دنيا ۾ الڳ حيثيت رکي ٿي. سڄي پاڪستان ۾ سنڌ کانسواءِ ڪو به اهڙو شهر ناهي بچيو جتي مذهبي جنونيت، فرقيواريت ۽ دهشتگردي معصوم ماڻهن جون هزارين جانيون ڳڙڪايون نه هجن. پاڪستان ۾ سنڌ واحد خطو آهي جتي اڄ به ماڻهن ۾ سهپ، رواداري ۽  جمهوري روين سان  هڪٻئي کي ٻڌو وڃي ٿو.

غير سنڌين کانسواءِ  باقي سڄي سنڌ ۾ ڪٿي به مذهبي جنونيت يا فرقيواريت نظر ئي نٿي اچي.  اها ئي ڳالهه انهن ڌرين جن پاڪستان ۾ مذهب کي هٿيار طور استعمال ڪري مذهب ۽ ٻولي جي نالي تي دهشتگردي ڦهلائي آهي کي ڪڏهن به ڪونه وڻي آهي انهي ڪري ئي انهن هٿ وٺي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مذهبي فرقيواريت کي هوا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن ۾ هو بري طرح سان ناڪام ويا آهن. سنڌ ۾ انساني روايتن جي پاسداري ٿيندي ڏسڻ شايد انهن کي ڏکي ٿي لڳي تڏهن ته وري انهن سنڌ مٿان بهري باز بڇي سنڌ جي اترين حصي ۾ مذهبي جنونيت وارا ڄار وڇائي سنڌ جي هزارين سالن واري سڃاڻپ جنهن ۾ ماڻهو بغير ڪنهن تفريق جي نسل در نسل رهندا آيا آهن ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. اڄ به اهي رياستي ادارا جن سنڌي قوم کي پٺ سان لڳائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي وري سنڌ جي شناخت، سهپ ۽ رواداري کي ختم ڪري دنيا آڏو اهو ثابت ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لٿل آهن ته جيئن هو دنيا کي اهو ٻڌائي سگهن ته سنڌي قوم به ان مذهبي جنونيت ۽ دهشتگردي ۾ برابر جي شريڪ آهي. پر سنڌي قوم ان غير اخلاقي ۽ ڪريل حرڪت کي چڱي طرح ڄاڻي ٿي.
امن جي گهرج ته اها آهي ته پنهنجي  آسپاس جي ماڻهن ۽ فطرت سان هم آهنگ ٿي هلجي ته جيئن ابدي امن ۽ روحاني سڪون پسي سگهجي. فرد سان گڏوگڏ قومن جي حقن جو احترام ڪيو وڃي ۽ پيدا ٿيندڙ سڀئي اختلاف، ناراضگيون ۽ خدشا گڏجي ويهي برابري، انساني ۽ بين الاقوامي اصول پٽاندڙ قانون ۽ اصولن جي پس منظر ۾ حل ڪيا وڃن.
ٻوڏ جي هيڏي وڏي تباهي کان پوءِ رياستي ۽ حڪومتي ڌر جي ادارن کي سنڌي قوم جي انهن اختلافن ۽ ناراضگين کي ختم ڪرڻ جو مناسب موقعو مليو هو. اهي ماڻهو جيڪي هن پوندڙ پاري ۽ ڄميل ٿڌ ۾ گرم ڪپڙن، سيءَ کان بچڻ لاءِ اجهن لاءِ واجهائيندا رهيا آهن. اهي ٻار جيڪي بنيادي خوراڪ نه ملڻ ڪري زندگي جي جنگ هارائيندا رهن ٿا. اهي مائرون ۽ ڀينرون جيڪي هن وڌندڙ ٿڌ ۾ گرم ڪپڙن لاءِ آسائتيون آهن، انهن لاءِ سرڪاري سطح تي مناسب بندوبست ٿيڻ کپندو هو. اهي مقامي چونڊيل نمائندا منسٽري جي نشي ۾ ڌت، وڏين گاڏين جي گرم هيٽرن ۾ ويهندي انهن کي خدا جي خلق جون تڪليفون ۽ اهنج ته نظر ئي ڪونه ٿيون اچن. جڏهن پاڪستان جو ظهور ٿي رهيو هو ته اولهه ۽ اوڀر پنجاب رت جون هوليون کيڏي رهيا هئا. انسان جانورن ۽ پکين جيان ذبح ٿي رهيا هئا. تڏهن به سنڌ پنهنجي عدم تشدد، امن ۽ پيار واري روايت کي برقرار رکندي انهي سڄي انساني ڪوس واري عمل کان الڳ ٿي بيٺي هئي ته جيئن دنيا سنڌ جي عملي ۽ تاريخي امن پسند ۽ عدم تشدد واري فلسفي کان باخبر ٿي سگهي.
اها سنڌي قوم جنهن کي گذريل پنجن مهينن دوران بکون ڪاٽڻ ، مختلف بيمارين جي ور چڙهڻ ۽ موهن جي دڙي جيان ٺهيل مٽي جي ڍيرن تي رهڻ لاءِ مجبور  ڪيو ويو آهي. روزاني اخبارن ۾ ڇپجندڙ واقعا هنياءُ ڏاريندر آهن ته ان خوشحال، قدرتي وسيلن سان مالا مال ڌرتي جنهن جو ڪوئلو ئي عراق، ايران ۽ سعودي عربيه جي گڏيل تيل جي ماليت کان ججهو آهي. جنهن ۾ تيل جي پيداوار56.3% ۽ گئس جي پيدوار ۽  72 % آهي جنهن جي ماليت مجموعي طور1200 ارب رپين کان گهڻي آهي. اها سنڌ جنهن جو سمنڊ ذريعي ٿيندڙ واپار جنهن ۾ مڇي به اچي وڃي ٿي اربين رپين جو آهي. جنهن جو سنڌو درياءَ تاريخي طور ته خوشحال ۽ معاشي سگهه جي علامت رهندو آيو آهي. جنهن جا ماڻهو پيار، پريت ۽ امن جي ٻولن کانسواءِ ٻيو ڪين ڄاڻندا هئا. اها سنڌ جنهن جي سامونڊي توڙي درياهي ٻيلن ۾ هزارين قسمن جا ناياب پکي ۽ جانور پلجندا هئا، جتي هاٿي، شينهن، چيتا ۽ هرڻن جي نسلن جون قطارن  ڏسڻ ۾ اينديون هيون، اتي جا ماڻهو اڄ سيءَ ۾ لاوارث ٿي مرندا وڃن ٿا.
اڄ ان سنڌ جا ماڻهو بک، بدحالي ۽ ڪسمپرسي واري زندگي گذرڻ تي مجبور آهن. اها حڪمرانن لاءِ شرم جهڙي ڳالهه ڪونهي ته هن جديد دور ۾ جتي سردي کان بچاءُ جا ڪيترائي جديد ۽ سستا طريقا دريافت ڪيا ويا آهن، اتي سنڌ جا ماڻهو جسمن سان پلال ٻڌي رات جو سمهي سردي جو مقابلو ڪن ٿا ۽ حڪمرانن جي مٿي ۾ جونءَ به نٿي چري. هو صرف ڪرسي کي بچائڻ لاءِ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي واپار ڪرڻ ۾ پورا  آهن ڪڏهن دهشتگردي جي آڙ ۾ مارجي ويلن کي سنڌ ۾ تحفي طور زمين ۽ پلاٽ ڏيڻ جون رٿون پاس ڪن ٿا ته ڪڏهن دهشتگردن کي شهري حڪومتون ٺاهي ڏئي سنڌي ماڻهن کي شهرن ۾ ٺهيل تعليمي ادارن مان بي دخل ڪن ٿا. اها ڪيڏي نه بي رحمي ۽ بي وسي ڳالهه چئبي جو  8 لک فوج ۽ لکن جي تعداد ۾ پوليس ۽ ٻيا ادارا هوندي به اسين سج لهڻ کانپوءِ پنهنجن ڳوٺن ۽ شهرن ڏانهن سفر نٿا ڪري سگهون. ڏينهن ڏٺي جو ماڻهو اغوا ڪيا وڃن ٿا. ڀنگ تي ماڻهو اغوا ڪري موٽائي ڏيڻ ته سنڌ جي بي حيا وڏيرن جو ته منافعي بخش ڪاروبار ٿي ويو آهي ۽ اهي رياستي ادارا جيڪي ملڪ جي سموري آمدني جو 80 سيڪڙو کائي به تماشائي بڻيل آهن. صرف انهي لاءِ ته هو طاقت جي غلبي کي قائم رکڻ لاءِ هڪٻئي جو سهارو بڻيل آهن ۽ هڪٻئي جا ساٿاري آهن. انهي سڄي عمل ۾ جتي انصاف صرف پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ جي حد تائين ملندو هجي اتي امن قائم ڪيئن ٿي سگهندو. اتي راواداري، سهپ ۽ صوفي نظريي جي پرچار ڄڻ ته خوبصورت گلڪاري سان ٿيل تصوير کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. اتي پاڪستان جي روشن خيال، ترقي پسند ۽ سوچيندڙ دماغ کي گڏجي برابري، قومي حقن ۽ پاڪستان ۾ رهندڙ هر فرد جي خوشحالي، ترقي ۽ انهن کي برابري جي بنياد تي موقعن جي فراهمي لاءِ گڏيل جدوجهد ڪرڻي پوندي. تڏهن ئي پاڪستان ۾ رهندڙ قومون امن ۽ شانتي سان رهي سگهنديون ۽ قومن اندر هڪٻئي سان هلندڙ تڪرار ڪنهن حد تائين نبيرجي سگهبا. جيڪي امن، عدم تشدد ۽ رواداري واري گهرج ۽ ڳالهه کي اڳتي وڌائڻ لاءِ راهه هموار ڪندي.