Friday 27 May 2011

Alarming Situation of Education in Sindh & Empty Claims of Government

 سنڌ ۾تعليم جي تباهي ۽ حڪومتي ڌر جون همبوڇيون

                                                                        عبدالجبار ڀٽي

تعليم ڪنهن به قوم جي معاشي، سماجي، ثقافتي ۽ سائنسي ترقي ۾ ريڙهه جي هڏي واري حيثيت رکندي آهي. اها تعليم ئي هوندي آهي جيڪا قومن کي دنيا جي ٻين قومن اڳيان ساڳي ئي سٿ ۾ بيهاريندي آهي. تعليم جي هرگز اها معنيٰ ڪونهي ته صرف نالي ماتر ڳچين ۾ ڊگريون ٻڌل هجن، باقي ذهني، علمي ۽ عقلي طرح ماڻهو صرف ڪورو هجي. پائلو فراري جي اڳيان تعليم ماڻهو ۾ ذهني، روحاني ۽ عقلي پختگي پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ ماڻهو ۾همٿ ۽ بهادري به پيدا ڪري ٿي. ماڻهو تعليم پرائڻ کانپوءِ به سچ نه چئي سگهي، غلط ۽ صحيح جي وچ ۾نشاندهي نه ڪري سگهي ۽ پنهنجن بنيادي حقن جي پا ئمالي خلاف احتجاج به نه ڪري  سگھي ته اها تعليم سواءِ انگن اکرن جي ڳڻڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي. ڇاڪاڻ جو تعليم ته اها آهي جيڪا ماڻهو ۾ سوچ، لوچ ۽ کوجنا جي لوڙ پيدا ٿي ڪري، ماڻهو کي اتساهي ٿي ته هو پنهنجي اڳيان پيدا ٿيل ڳجهن کي ڦلهوري، کولي حقيقتون معلوم ڪري سگهي. تعليم ته ماڻهو ۾ذهني سگهه پيدا ڪري ٿي ته جيئن هو پنهنجي قوم جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ جديد دور جي تقاضائن مطابق ڪو ڪردار ادا ڪري سگهي. سماجي ۽ معاشرتي علم جو ڳوڙهو اڀياس ڪري، جيئڻ جي نئين واٽ ڳولهي سگهي جيڪا سائنسي ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي بنيادن تي مبني هجي.

تعليم ماڻهو ۾سماجي، سائنسي ۽ معاشي رونما ٿيندڙ تبديلين جي سببن کي سمجهڻ ۾ مدد فراهم ڪري ٿي ۽ ماڻهو کي اهل بڻائي ٿي ته هن سڄي تبديلي واري لقاءَ کي چڱي طرح سمجهي. ان جي لڪل معنيٰ ۽ مثبت اثرن جي پرک ڪري ۽ ان سڄي عمل ۾انساني ترقي کي ڪيئن ممڪن بڻائي سگهجي ٿو تي غور ويچار ڪري ملڪن جي جياپي، خوشحالي ۽ ترقي لاءِ پائيدار حڪمت عملي جوڙي سگهجي.

پرافسوس جو پاڪستان اندر، خصوصن سنڌ ۾، تعليم جي حالت بدترين شڪل اختيار ڪندي  وڃي ٿي. معياري تعليم ته تمام پري  جي ڳالهه آهي پر عددي تعليم به تباهي جي ڪناري تي بيٺل ان ٻار وانگر آهي جيڪو ڪنهن به وقت زندگي جي جنگ هارائي سگھي ٿو. پر تنهن جي باوجود به  اقتدار جي انڌي گھوڙي تي سوار حڪمران ۽ موجوده  تعليم جا وزير، مشير ۽ چونڊيل نمائندا ڪن لاٽارڪري، حقيقتن کي پٺي ڏيون صرف همبوشيون هڻڻ ۾ پورا آهن. غلط انگ اکر پيش ڪري نه صرف پنهنجو پاڻ سان ڪوڙ ڳالهائين ٿا پر پنهنجي ضمير جي اڳيان به شرمسار ۽ قيدي وانگر قنڌ کڻڻ جي لائق نٿا رهن.     

جتي تعليم کي سڄي دنيا ۾ بنيادي حق طور تسليم ڪيو ويو آهي ۽ ڏاها، مدبر۽ معيشيت جا ماهر پڻ اهو مڃين ٿا ته غربت جو سڄو ڪارڻ عددي توڙي معياري تعليم جي کوٽ آهي. اڄ  به پاڪستان جا 60 سيڪڙو ماڻهو اڻ پڙهيل آهن. تعليم جي ترجيح اها آهي جو ساليانه بجيٽ مان ٻه سيڪڙو کان به گھٽ تعليم تي خرچ ڪرڻ لاءِ رکيو وڃي ٿو. يواين ڊي پي جي 2010 جي انساني ترقي جي وسيلن جي شرح واري رپورٽ مطابق انساني ترقي جي مد ۾ 169 ملڪن مان پاڪستان 125 نمبر تي آهي. غربت جي لڪير هيٺ رهندڙ ماڻهن جو تعداد 40 سيڪڙو کان به وڌندو ٿو وڃي. اڄ به 67 سيڪڙو ماڻهو اهڙا آهن جنهن کي سنڌي ۽ اردو لکڻ ۽ پڙهڻ نٿي اچي. 73 سيڪڙو اسڪول اهڙا آهن جنهن کي چوديواري ڪونهي. 72 سيڪڙو اسڪولن ۾ ليٽرين موجود ئي ڪونهن.

سيپٽمبر 2000 يو اين هيڊ ڪواٽرجي نيويارڪ ۾ ٿيندڙ 2000 ملينيم سمٽ جي موقعي تي پاڪستان خود ان معاهدي تي صحيح ڪري آيو آهي ته 2015 تائين اسڪول جي ڄمار جا سڀئي ٻاراسڪول ۾ داخل هوندا. جيڪا ڳالهه حقيقتن جي بلڪل ابتڙ لڳي ٿي، ڇاڪاڻ جو گذريل ڏهاڪي دوران فوجي توڙي موجوده حڪومت اهڙا ڪي به اپاءُ ناهن ورتا جنهن سان معاهدي کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ اڳڀرائي ٿي هجي.

سرڪاري انگن اکرن مطابق سنڌ ۾ ٽوٽل 49000  پرائمري اسڪول رڪارڊ  تي موجود آهن جنهن مان صرف 9000 هزاراسڪولن ۾ تعليم پڙهائي وڃي ٿي، باقي سڀ جا سڀ اسڪول يا ته بند پيا آهن يا وڏيرن ۽ سياستدانن جون اوطاقون ۽ مال جا واڙا بڻيل آهن. گھڻا ته اسڪول صرف ڪاغذن ۾ ئي وجود رکن ٿا پر انهن اسڪولن ۾ ڀرتي ٿيل استاد ۽ سپروائيزر پگھارون به کڻندا رهن ٿا.  چيو وڃي ٿو ته انهن اسڪولن مان 4000 ته صرف ٻن وڏن شهرن ڪراچي۽ حيدرآباد ۾ آهن باقي سڄي سنڌ جي تعليم،ان جو آئندو ۽ ان جو مستقبل صرف  3000 هزار اسڪولن تي جي رحم ۽ ڪرم تي آهي.   

ايڏو وڏو انياءُ، ڪوڙ، ڌوڪو ۽ ٺڳي نه صرف پنهنجو پاڻ سان پر سڄي قوم سان، جنهن جي پگھر جي ڪمائي مان نالي ماتر ئي صحيح ماڻهن کي سماجي سهولتون ڏنيون وڃن ٿيون. پر تعليم جو وزير ويچارو ايترو سادو ۽ مصروف ماڻهو آهي جو سندس کي ان سڄي ڦرلٽ جي ڪا ئي خبر ئي ڪانهي ڇاڪاڻ جو هو ويچارو سڄو ڏينهن مصروف ۽ سنڌ جي تعليم جي بهتري لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي.      

هر سال ڪروڙين رپيه استادن جي تربيت ۽ صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ خرچ ڪيا وڃن ٿا، پر پوءِ به هزارن جي تعداد ۾اسڪول ويران ۽ استادن کانسواءِ هلندا رهن ٿا. ڇاڪاڻ ته هڪڙا ته استاد پنهنجن سپروائيزر سان منٿليون مقرر ڪري ٻين روزگارن سان لڳي وڃن ٿا ۽ ٻيا ويچارا ڪيترائي عُضر ٺاهي اسڪول ڏانهن ويندڙ سڀئي رستا وساري ويهن ٿا. سنڌ جوتعليم وارو کاتو ساليانو 20 ڪروڙرپيا اهڙن اسڪولن جي مد ۾نقصان ڀري رهيو آهي جنهن جو وجود ئي ڪونهي. 1998 کان وٺي اڄ تائين 10 ارب رپيا اسڪول مئنيجمينٽ ڪميٽي کي بهتر ڪرڻ لاءِ خرچ ڪيا ويا آهن پر پوءِ به انهن جو تعليم جي بهتري لاءِ ڪوبه ڪردار جڙي ناهي سگھيو.    

سماجي تنظيم SPO پاران تعليم جي صورتحال تي سنڌ جي پنجن ضلعن ۾ تحقيق ڪرائي آهي. ان تحقيق جا نتيجا سنڌ حڪومت ۽ حڪمران ڌر کي خود ملامت ۽ شرمساري لاءِ نهايت ڪافي آهن. اها تحقيقي کوجنا پنجن ضلعن گهوٽڪي، شڪارپور، ٽنڊو محمد خان، مٽياري ۽ حيدرآباد جي 52 يونين ڪائونسلن جي 2532 ڳوٺن ۾ ڪئي وئي آهي. تحقيق ٻڌائي ٿي ته انهن پنجن ضلعن ۾ 1804 اسڪول وجود رکن ٿا. جنهن مان ڇوڪرين جا اسڪول ته صرف آهن ئي 291 جڏهن ته پاڪستان ۾ موجوده آبادي جو تناسب 52% عورتون آهن ته 48%  مرد حضرات آهن. پر تنهن جي باوجود به عورتن جي سراسري واري آبادي کي نظر انداز ڪيو وڃي ٿو. تحقيق ٻڌائي ٿي ته اسڪول جي عمرجي 231403 ٻارن مان صرف 66876 ٻار اسڪول ۾ داخل آهن، جيڪي ٽيون حصو ئي مس ٿين ٿا.

هڪڙي پاسي صورتحال اهڙي ڇرڪائيندڙ ۽ اهنج پهچائيندڙ آهي ته ٻي پاسي اقتداري ڌر، خصوصن تعليم جا وزير پنهنجي صلاحيتن ۽ حاصلات جا داستان بيان ڪندي نٿا ٿڪجن. موجوده حڪمران جماعت جا نمائندا جڏهن عوامي ميڙاڪن، گڏجاڻين ۽ مختلف پروگرامن ۾ ڳالهائين ٿا ته پاڪستان اندر هيل تائين ٿيل زيادتين ۽ خامين جا بار يا ته فوجي حڪوتن تي اڇلائين ٿا يا سڄو ذميوارگذريل حڪومتن کي ٺهرائين ٿا باقي عام ماڻهن جي اکين ۾ دوڙ وجهڻ لاءِ پنهنجي حاصلات جا ڪوڙا انگ اکر ٻڌائي، جيئي ڀٽو جا نعرا هڻي، قربانين جا قصا ورجائيندا رهن ٿا. هي ته اها پيپلز پارٽي آهي جنهن لاءِ ذوالفقار علي ڀٽو چيو هو ته پيپلز پارٽي کي ذوالفقار علي ڀٽو زنده نه  پرمئل کپي ٿو، جنرل رفيع ڀٽي جا آخري 323 ڏينهن ۾ لکي ٿو.

تحقيق مان ظاهر ٿئي ٿو ته صرف مٽياري ضلعي ۾ هر پرائمري ۾ پڙهندڙ ٻار تي 587 رپيا ۽ استاد تي17143 ماهانه خرچ ڪيا وڃن ٿا پر پوءِ به تعليم جي حالت اها آهي جو ٻارن کي پڙهڻ نالي ڪا به شيءَ ئي نٿي اچي.استاد ڪيترن ئي ڏينهن تائين اسڪولن جو منهن ئي نٿا ڏسن. ان خرچ سان  ته شهرن جي پرائيوٽ اسڪولن ۾ معياري تعليم حاصل ڪري سگھجي ٿي، پر ٻهراڙي ۾ عددي تعليم به نٿي ڏني وڃي. ان کوجنا جا نتيجا ان لاءِ ڀوائتا آهن جو اهي حڪمران ڌر جي پت وائکي ڪن ٿا ۽ ماڻهن اڳيان اها ڳالهه واضح ٿيندي پئي وڃي ته اهي وڏيرا شاهي واريون اسيمبليون جيڪي پنهنجن وزيرن ۽ مشيرن جا ڀڀ ڀرڻ واري ادارن کانسواءِ باقي ڪجهه به ڪين آهي. تنهڪري جيسيتائين انهن اسيمبلين ۾حقيقي تبديلي نٿي اچي ۽ اهي عام ماڻهو جو آواز نٿيون بڻجن تيسيتائين عام ماڻهو جي جھولي صرف بک، بدحالي، ڪسمپرسي، ويڳاڻپ ۽ ٻيون به کوڙ ساريون سماجي بيماريون سان ڀريل رهندي.  

تعليم کي بهتر۽ معياري تيستائين نٿو ڪري سگھجي جيستائين هنگامي بنيادن تي ڪي قدم نٿا  کنيا وڃن. مثال طور؛
1.        نئين سري سان تعليم جي پاليسي جوڙي جديد دورجي تقاضائن مطابق تعليم جي گھرجن جو پورائو ڪيو وڃي
2.        تعليم جي سالانه بجيٽ کي وڌائي گھٽ ۾ گھٽ جي ڊي پي جو4 سيڪڙو تائين ڪئي وڃي
3.        خيبرپختونخواه وانگر سنڌ هاير ايجوڪيشن ڪميشن ٺاهي، نصاب ۾ نوا موضوع شامل ڪري تعليمي معيار کي بهتر بڻايو وڃي.
4.         تعليم ۾ سياسي مداخلت هڪدم بند ڪري استادن کي ٻار پڙهائڻ ۽ اسڪولن ۾ڊيوٽي ڪرڻ پابند ڪيو وڃي ۽ ان تي ڪنهن به قسم جو سمجھوتو نه ڪيو وڃي
5.        استادن جي ڀرتي نج اهليت جي بنيادن تي ڪئي وڃي ۽ انهن کي ترقي ۽ ٻيون کوڙ ساريون سهولتون اهليت ۽ ڪارگذاري جي بنياد تي ڏنيون وڃن
6.        پرائمري تعليم مادري ٻولي سنڌي ۾ ڏيارڻ کي يقيني بڻايو وڃي
7.        صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ تربيتون ڏيڻ جا اداري کولي استادن جون صلاحيتون وڌائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي وڃي
8.        اسڪولن جي ماحول کي وڻندڙ ۽ پرڪشش بڻائڻ لاءِ اسڪولن ۾گھربل سڀ سهولتون ڏنيون وڃن. جهڙوڪ پاڻي، چارديواري، ليٽرين، بجلي، ٻارن لاءِ راند جا ميدان، روزاني بنيادن تي صفائي سٿرائي جو بندوبست ڪرڻ وغيره.
9.        49000 هزار اسڪولن جي بنيادي ڊانچي کي بهتر ڪرڻ لاءِ ۽ بنيادي سهولتن جي موجودگي لاءِ جوڳي رقم جاري ڪئي وڃي
10.     تعليمي لحاظ کان پٺتي پيل ضلعن تي خاص ڌيان ڏئي تعليم جي شرح کي وڌائي سگھجي ٿو
11.     اسڪول مئنيجمينٽ ڪاميٽي ۾نواڻ آڻي ان کي نئي سري سان فعال ڪيو وڃي
12.     تعليمي نظام ۾ والدين ۽ ڳوٺاڻن جي شموليت کي يقني بڻايو وڃي
13.     ڳوٺاڻن ۾شعوراجاگرڪرڻ لاءِ سماجي جاڳرتا جا پروگرام هلايا وڃن ته جيئن هر ماڻهو کي تعليم جي اهميت کان واقف ڪري سگھجي
14.     استادن جي تنظيمن لاءِ قانون سازي ڪري انهن کي خالص تعليم جي بهتري ۽ ترقي لاءِ استعمال ڪيو وڃي
15.     پرائيوٽ اسڪولن لاءِ ظابطا ۽ قانون ٺاهي انهن ۾غريب شاگردن لاءِ مخصوص ڪوٽا رکرائي وڃي ته جيئن غريب شاگرد به انهن پرائيوٽ اسڪولن مان پڙهي سگھي

jabbarbhatti@gmail.com 


This article published in daily Awami Awaz on May 25-26, 2011         

No comments:

Post a Comment