Friday 27 May 2011

Talks for creating Peace Globally & Sindh

عالمي امن لاءِ هلندڙ ڳالهيون ۽ سنڌ

ليکڪ: عبدالجبار ڀٽي

                 عالمي امن لاءِ هلندڙ ڳالهين جو دائرو ۽ ان جي گهرج ڏينهون ڏينهن وڌندي وڃي ٿي. اهي ڳالهيون ۽ بحث هاڻي ڊرائنگ رومن مان نڪري عالمي پاليسين جو حصو ٿينديون وڃن ٿيون. ڇاڪاڻ جو دنيا ۾ امن پسند ماڻهن ۽ انسانيت جي پاسداري لاءِ اٿندڙ آواز  انهي ڳالهه تي متفق آهن ته هي وڌندڙ نفرت، اڻ سهپ ۽ ٻين جي مال غنيمت تي قبضا خوري واري حوس انساني نسل لاءِ خطرناڪ حد تائين نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿي. ملڪن ۽ ماڻهن وچ ۾ مذهبن جي بنيادن تي وڌندڙ ويڇا، فرقيواريت، معاشي سماجي ۽ سياسي اڻ برابري، اسٽيٽسڪو جي بنياد تي ٺهيل مائينڊسيٽ، نسلي بدتري ۽ لساني طاقت جو ڏيکاءُ ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۾ واضح ويڇن جون لڪيرون ڪڍي ڇڏيون آهن.
ماڻهن  انساني دائري مان نڪري مختلف طبقن ۽ گروهن جي پيدا ڪيل معيارن کي اپنائڻ شروع ڪيو آهي. نتيجي ۾ هڪڙي پاسي اهو مراعت يافته طبقو زندگي جي هر مادي سهولتن سان سرشار لڳو پيو آهي جنهن جي اڳيان زندگي جا ماپا ۽ معيار بنهي مختلف ۽ الڳ قسم جا آهن ته ٻي پاسي اهو غريب طبقو جنهن وٽ پيٽ جي بک ۽ اڃ اجهائڻ لاءِ به واٽ ڪونهي. اهو طبقو پنهنجي پيٽ جي بک اجهائڻ لاءِ ڪيترائي ڪڌا ڪم ڪرڻ تي مجبور ٿيو آهي، اها بک ئي بنيادي ضرورت آهي جيڪا ڪلين مان ڦٽل گلن جهڙن ٻارن کي گهٽين ۽ روڊن تي ٻين جي اڳيان هٿ ٽنگڻ تي مجبور ڪري ٿي. اها بک ئي آهي جيڪا بازارن ۾ جسم  فروشي ڪرائي ٿي. ان بک جي شدت اڃا ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي جيڪا والدين کي بازارن ۾ ٻچن وڪڻڻ تي مجبور ڪري ٿي. پر ڪجهه ماڻهو ته ان بک جي تاس کي نه سهي سگهندي پنهنجي زندگين جو ڏيئو هميشه لاءِ اجهائي ڇڏين ٿا ته وري ڪجهه ماڻهو بک جي ديوي کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ هٿن ۾هٿيار کڻي بي راهه روي جو شڪار ٿين ٿا ۽ پنهنجي زندگي کي اهڙي دلدل ۾ ڦاسائي ڇڏين ٿا جتان واپسي جو رستو صرف ۽ صرف ذلتن وارو ئي هجي ٿو.
عالمي امن تي ڳالهايو ته گهڻو ئي وڃي ٿو پر ان تي عملي قدم نه هئڻ جي برابر کنيا وڃن ٿا. عالمي سطح تي امن جو ٺيڪيدار سڏائيندڙ آمريڪا سڀني ملڪن سان وڙهڻ لاءِ تيار ويٺو آهي ۽ سڀني کان بظاهر هڪ ئي گهر اٿس ته جوهري هٿيارن جو ڦهلاءُ دنيا ۾ تباهي آڻيندو ۽ هو اهو محسوس ڪري ٿو ته ان کي روڪڻ لاءِ مناسب قدم کنيا وڃن. پر هو پاڻ جوهري هٿيارن جي عدم ڦهلاءُ واري عالمي معاهدي تي صحيح ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي. هي اهڙي ئي ڳالهه چئبي جيئن مولوي حضرات صرف نصيحتون ئي ڪندا رهندا آهن پر پاڻ انهن تي عمل ناهن ڪندا.
اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو ته هڪڙي پاسي توهان ملڪن کي اربين رپين جا هٿيار وڪڻو،  اسرائيل جهڙي راڪشس ملڪ کي هر قسم جي مدد ۽ سهڪار فراهم ڪري هزارين فلسطينين جو ڪوس ڪرايو، عراق جهڙي تيل جي امير ملڪ ۾ پنهنجون بيٺڪون قائم ڪري پنهنجن ملڪن جي ماڻهن کي سستو تيل فراهم ڪيو. وري مٿان عالمي لٺ سردار ثابت ٿيڻ لاءِ امن، ڀائيچاري ۽ رواداري واريون ڳالهيون اڇلائيندا رهو. هڪڙي پاسي امن جون ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون ته ٻي پاسي ايران ۽ ڪوريا جهڙن ملڪن تي حملن لاءِ ٺڳي جي ٺاهه جهڙا دهمان ۽ انتشار ڦهلائيندڙ نعرا هنيا وڃن ٿا.
عالمي امن لاءِ ضروري آهي ته برابري جي بنياد تي سڀني ڌرين کي گڏ ڪري عالم انسان جي بقا، سک ۽ شانتي لاءِ ڪا گڏيل حڪمت عملي جوڙي وڃي ۽ ان کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ ڪي ضابطا، اصول ۽ گڏيل قائدا ٺاهيا وڃن. اهي سڀ قائدا ۽ اصول شخصي، گروهي، معاشي ۽ سياسي هٻڇ کان بالاتر ۽ مٿانهان هجڻ گهرجن. هن ڌرتي جي گولي تي جيڪي به 192 ملڪ پنهنجي آزاد حيثيت ۾ وجود رکن ٿا انهن جي الڳ ۽ آزاد حيثيت کي مان ڏيندي انهن کي برابري جي بنياد تي عالمي امن ۾شريڪ ڪرڻ گهرجي ۽ انهن ملڪن ۾ رهندڙ قومن  کي برابري جي بنياد تي وسيلن جي ورڇ لاءِ گڏيل حڪمت عمليون جوڙڻ کانسواءِ عالمي امن صرف خوابن جون ڳالهيون ئي ٿي سگهن ٿيون.
پاڪستان جاگرافي بيهڪ جي لحاظ کان عالمي امن  ۾ نمايان حيثيت رکي ٿو. تنهن ڪري عالمي امن پاڪستان جي امن سان ڳنڍيل، بلڪه مشروط پڻ آهي. ويجهڙائي ۾ پنجاب جي گورنر سلمان تاثير جي مرڻ، هڪ دفعو ٻيهر امن لاءِ ٿيل ڳالهين ۽ عملن کي پٺتي ڌڪي ڇڏيو آهي. روشن خيال ۽ پڙهيل لکيل طبقي امن، برداشت ۽ سهپ جي ضرورت تي شد ۽ مد سان نه صرف ڳالهائڻ شروع ڪيو آهي پر رياستي ۽ حڪومتي ادارن کان اها گهر پڻ ڪئي آهي ته  انهن گروهن ۽ جماعتن خلاف قدم کنيا وڃن جيڪي مذهبي جنونيت، فرقيواريت ۽ ڪنهن مخصوص فرقي ۽ نظريي جي غلبي جو پچار ڪن ٿا ۽ ماڻهن ۾ فساد ۽ نفرتن جو ٻج ڇٽين ٿا. پر هتي هڪڙي ڳالهه سمجهڻ جهڙي آهي ته جڏهن امن جي ڳالهه ٿئي ٿي ته اتي مذهبي جنونيت، فرقيواريت ۽ اڻ سهپ واري فلسفي کانسواءِ به ٻيا ڪيترائي جزا آهن جيڪي ملڪن ۽ قومن وچ ۾ امن جي تباهي جا ڪارڻ آهن. معاشي ۽ سياسي اڻ برابري به ماڻهن ۾ احساس محرومي وڌائي ٿي جيڪا ئي کيس غربت ڏانهن ڌڪي ٿي، جنهن جي ڪري ئي ماڻهو مختلف سماجي ۽ معاشرتي بيمارين جي ور چڙهن ٿا ۽ ڪيترائي غير اخلاقي، غير انساني ۽ غير مهذبي رستا اختيار ڪن ٿا. سنڌ ته اها ڌرتي آهي جتي پيار، پريت ۽ امن ڄڻ ته هتي جون روايتون هونديون هيون. جڏهن بهار جي مند ايندي هئي ته سنڌ جا ماڻهو گلاب جا گل ورهائيندا هئا. هڪڙو ته اهڙو به قبيلو هوندو هو جيڪو سڄي سنڌ ۾ پيار ۽ پريت ورهائي ماڻهن کي بهار جي آمد جو اطلاع ڏيندو هو. شيخ اياز انهن ئي ماڻهن لاءِ هيئن چيو هو ته؛
عشق اسان وٽ آرائين جيئن
آيو جهول ڀري، الا ڪوئي ڪيئن ڪري
سنڌ ته اها ڌرتي هوندي هئي جتي ماکي، مکڻ، کير ڄڻ ته هتان جي ماڻهن جو ديسي کاڌو هوندو هو. سنڌ جي خوشحالي ڏورانهين ديسن تائين مشهور هوندي هئي. اهي به ڏينهن هوندا هئا  جڏهن انگريز ۽ فرينچ جي وچ ۾ سنڌ سان واپار ڪرڻ تي چٽا ڀيٽي هوندي هئي. صدين تائين سنڌ ۾ ماڻهو بنا تفريق، بنا ويڇي ۽ فرق جي هڪ ڪٽنب جيان رهندا هئا. سنڌ ڄڻ ته هڪ ڪٽنب جيان لڳندي هئي. سنڌي ماڻهو ته صدين تائين هن ڌرتي تي تسبيح جي داڻن وانگر گڏ ۽ ڳنڍيل رهيا آهن. سنڌ جا ماڻهو ته ٺهيل ئي ان  مٽي مان آهن جيڪا ڳوهيل ئي سهپ، پيار، پريت ۽ امن جي پاڻي سان آهي. تاريخ شاهد آهي ته سنڌي ماڻهن جنگون به پنهنجي دفاع واريون لڙيون آهن.  ڪڏهن به اڳرائي ڪري وڃي ڪنهن تي ڪاهه نه ڪئي اٿن. پر جي وري ڪنهن سان پنهنجي دفاعي جنگ وڙهي اٿن ته انهن کي ٽوٽا چٻائي ڇڏيا اٿن. سنڌي قوم، پاڪستان اندر پنهنجي امن، سهپ، صوفي ازم واري روش جي ڪري سڄي دنيا ۾ الڳ حيثيت رکي ٿي. سڄي پاڪستان ۾ سنڌ کانسواءِ ڪو به اهڙو شهر ناهي بچيو جتي مذهبي جنونيت، فرقيواريت ۽ دهشتگردي معصوم ماڻهن جون هزارين جانيون ڳڙڪايون نه هجن. پاڪستان ۾ سنڌ واحد خطو آهي جتي اڄ به ماڻهن ۾ سهپ، رواداري ۽  جمهوري روين سان  هڪٻئي کي ٻڌو وڃي ٿو.

غير سنڌين کانسواءِ  باقي سڄي سنڌ ۾ ڪٿي به مذهبي جنونيت يا فرقيواريت نظر ئي نٿي اچي.  اها ئي ڳالهه انهن ڌرين جن پاڪستان ۾ مذهب کي هٿيار طور استعمال ڪري مذهب ۽ ٻولي جي نالي تي دهشتگردي ڦهلائي آهي کي ڪڏهن به ڪونه وڻي آهي انهي ڪري ئي انهن هٿ وٺي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مذهبي فرقيواريت کي هوا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن ۾ هو بري طرح سان ناڪام ويا آهن. سنڌ ۾ انساني روايتن جي پاسداري ٿيندي ڏسڻ شايد انهن کي ڏکي ٿي لڳي تڏهن ته وري انهن سنڌ مٿان بهري باز بڇي سنڌ جي اترين حصي ۾ مذهبي جنونيت وارا ڄار وڇائي سنڌ جي هزارين سالن واري سڃاڻپ جنهن ۾ ماڻهو بغير ڪنهن تفريق جي نسل در نسل رهندا آيا آهن ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. اڄ به اهي رياستي ادارا جن سنڌي قوم کي پٺ سان لڳائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي وري سنڌ جي شناخت، سهپ ۽ رواداري کي ختم ڪري دنيا آڏو اهو ثابت ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لٿل آهن ته جيئن هو دنيا کي اهو ٻڌائي سگهن ته سنڌي قوم به ان مذهبي جنونيت ۽ دهشتگردي ۾ برابر جي شريڪ آهي. پر سنڌي قوم ان غير اخلاقي ۽ ڪريل حرڪت کي چڱي طرح ڄاڻي ٿي.
امن جي گهرج ته اها آهي ته پنهنجي  آسپاس جي ماڻهن ۽ فطرت سان هم آهنگ ٿي هلجي ته جيئن ابدي امن ۽ روحاني سڪون پسي سگهجي. فرد سان گڏوگڏ قومن جي حقن جو احترام ڪيو وڃي ۽ پيدا ٿيندڙ سڀئي اختلاف، ناراضگيون ۽ خدشا گڏجي ويهي برابري، انساني ۽ بين الاقوامي اصول پٽاندڙ قانون ۽ اصولن جي پس منظر ۾ حل ڪيا وڃن.
ٻوڏ جي هيڏي وڏي تباهي کان پوءِ رياستي ۽ حڪومتي ڌر جي ادارن کي سنڌي قوم جي انهن اختلافن ۽ ناراضگين کي ختم ڪرڻ جو مناسب موقعو مليو هو. اهي ماڻهو جيڪي هن پوندڙ پاري ۽ ڄميل ٿڌ ۾ گرم ڪپڙن، سيءَ کان بچڻ لاءِ اجهن لاءِ واجهائيندا رهيا آهن. اهي ٻار جيڪي بنيادي خوراڪ نه ملڻ ڪري زندگي جي جنگ هارائيندا رهن ٿا. اهي مائرون ۽ ڀينرون جيڪي هن وڌندڙ ٿڌ ۾ گرم ڪپڙن لاءِ آسائتيون آهن، انهن لاءِ سرڪاري سطح تي مناسب بندوبست ٿيڻ کپندو هو. اهي مقامي چونڊيل نمائندا منسٽري جي نشي ۾ ڌت، وڏين گاڏين جي گرم هيٽرن ۾ ويهندي انهن کي خدا جي خلق جون تڪليفون ۽ اهنج ته نظر ئي ڪونه ٿيون اچن. جڏهن پاڪستان جو ظهور ٿي رهيو هو ته اولهه ۽ اوڀر پنجاب رت جون هوليون کيڏي رهيا هئا. انسان جانورن ۽ پکين جيان ذبح ٿي رهيا هئا. تڏهن به سنڌ پنهنجي عدم تشدد، امن ۽ پيار واري روايت کي برقرار رکندي انهي سڄي انساني ڪوس واري عمل کان الڳ ٿي بيٺي هئي ته جيئن دنيا سنڌ جي عملي ۽ تاريخي امن پسند ۽ عدم تشدد واري فلسفي کان باخبر ٿي سگهي.
اها سنڌي قوم جنهن کي گذريل پنجن مهينن دوران بکون ڪاٽڻ ، مختلف بيمارين جي ور چڙهڻ ۽ موهن جي دڙي جيان ٺهيل مٽي جي ڍيرن تي رهڻ لاءِ مجبور  ڪيو ويو آهي. روزاني اخبارن ۾ ڇپجندڙ واقعا هنياءُ ڏاريندر آهن ته ان خوشحال، قدرتي وسيلن سان مالا مال ڌرتي جنهن جو ڪوئلو ئي عراق، ايران ۽ سعودي عربيه جي گڏيل تيل جي ماليت کان ججهو آهي. جنهن ۾ تيل جي پيداوار56.3% ۽ گئس جي پيدوار ۽  72 % آهي جنهن جي ماليت مجموعي طور1200 ارب رپين کان گهڻي آهي. اها سنڌ جنهن جو سمنڊ ذريعي ٿيندڙ واپار جنهن ۾ مڇي به اچي وڃي ٿي اربين رپين جو آهي. جنهن جو سنڌو درياءَ تاريخي طور ته خوشحال ۽ معاشي سگهه جي علامت رهندو آيو آهي. جنهن جا ماڻهو پيار، پريت ۽ امن جي ٻولن کانسواءِ ٻيو ڪين ڄاڻندا هئا. اها سنڌ جنهن جي سامونڊي توڙي درياهي ٻيلن ۾ هزارين قسمن جا ناياب پکي ۽ جانور پلجندا هئا، جتي هاٿي، شينهن، چيتا ۽ هرڻن جي نسلن جون قطارن  ڏسڻ ۾ اينديون هيون، اتي جا ماڻهو اڄ سيءَ ۾ لاوارث ٿي مرندا وڃن ٿا.
اڄ ان سنڌ جا ماڻهو بک، بدحالي ۽ ڪسمپرسي واري زندگي گذرڻ تي مجبور آهن. اها حڪمرانن لاءِ شرم جهڙي ڳالهه ڪونهي ته هن جديد دور ۾ جتي سردي کان بچاءُ جا ڪيترائي جديد ۽ سستا طريقا دريافت ڪيا ويا آهن، اتي سنڌ جا ماڻهو جسمن سان پلال ٻڌي رات جو سمهي سردي جو مقابلو ڪن ٿا ۽ حڪمرانن جي مٿي ۾ جونءَ به نٿي چري. هو صرف ڪرسي کي بچائڻ لاءِ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي واپار ڪرڻ ۾ پورا  آهن ڪڏهن دهشتگردي جي آڙ ۾ مارجي ويلن کي سنڌ ۾ تحفي طور زمين ۽ پلاٽ ڏيڻ جون رٿون پاس ڪن ٿا ته ڪڏهن دهشتگردن کي شهري حڪومتون ٺاهي ڏئي سنڌي ماڻهن کي شهرن ۾ ٺهيل تعليمي ادارن مان بي دخل ڪن ٿا. اها ڪيڏي نه بي رحمي ۽ بي وسي ڳالهه چئبي جو  8 لک فوج ۽ لکن جي تعداد ۾ پوليس ۽ ٻيا ادارا هوندي به اسين سج لهڻ کانپوءِ پنهنجن ڳوٺن ۽ شهرن ڏانهن سفر نٿا ڪري سگهون. ڏينهن ڏٺي جو ماڻهو اغوا ڪيا وڃن ٿا. ڀنگ تي ماڻهو اغوا ڪري موٽائي ڏيڻ ته سنڌ جي بي حيا وڏيرن جو ته منافعي بخش ڪاروبار ٿي ويو آهي ۽ اهي رياستي ادارا جيڪي ملڪ جي سموري آمدني جو 80 سيڪڙو کائي به تماشائي بڻيل آهن. صرف انهي لاءِ ته هو طاقت جي غلبي کي قائم رکڻ لاءِ هڪٻئي جو سهارو بڻيل آهن ۽ هڪٻئي جا ساٿاري آهن. انهي سڄي عمل ۾ جتي انصاف صرف پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ جي حد تائين ملندو هجي اتي امن قائم ڪيئن ٿي سگهندو. اتي راواداري، سهپ ۽ صوفي نظريي جي پرچار ڄڻ ته خوبصورت گلڪاري سان ٿيل تصوير کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. اتي پاڪستان جي روشن خيال، ترقي پسند ۽ سوچيندڙ دماغ کي گڏجي برابري، قومي حقن ۽ پاڪستان ۾ رهندڙ هر فرد جي خوشحالي، ترقي ۽ انهن کي برابري جي بنياد تي موقعن جي فراهمي لاءِ گڏيل جدوجهد ڪرڻي پوندي. تڏهن ئي پاڪستان ۾ رهندڙ قومون امن ۽ شانتي سان رهي سگهنديون ۽ قومن اندر هڪٻئي سان هلندڙ تڪرار ڪنهن حد تائين نبيرجي سگهبا. جيڪي امن، عدم تشدد ۽ رواداري واري گهرج ۽ ڳالهه کي اڳتي وڌائڻ لاءِ راهه هموار ڪندي.

No comments:

Post a Comment