Friday 27 May 2011

Sindhis are needed to be united for the Census 2011

آدمشماري لاءِ سنڌين کي گڏيل سوچ اختيار ڪرڻي پوندي
عبدالجبار ڀٽي

سنڌ کي برباد، تباه ۽ معاشي طرح ڪنگال ڪرڻ لاءِ سنڌ دشمن قوتن، حڪومتي ۽ رياستي ٽولن وٽ ڪيترائي بهانا ۽ هٿ ٽوڪيا دليل موجود آهن. هڪڙن جرنلن سنڌين کي جاهل چئي سنڌ جي ڪوٽا تي لساني جماعت جي دهشتگردن ۽ غير سنڌين کي نمايان عهدن تي ويهاريو ته جيئن اڳ وانگر سنڌين جي حڪومتي شموليت واري روش کي هڪڙي وک پوئتي ڌڪي ڇڏجي.

پاڪستان کان پهريان، انگريزن جي دلالي ۽ ڀاڙي تي وڙهندڙ ٽولي ۽ هاڻوڪي پاڪستان کي يرغمال ڪندڙ ڌرين ملڪي وسيلن جي ڦر لُٽ، پنهنجي مرضي مطابق ملڪي وهنوار هلائڻ ۽ پنهنجي ترقي ۽ خوشحالي ئي  کي سٺي حڪمراني سمجهيو آهي. ان حڪمراني واري راڄ کي برقرار رکڻ لاءِ وقت بوقت ڪيترائي هٿڪنڊا ۽ اٽڪلون استعمال ڪندا آيا آهن. تعليم تباه ڪرڻ، وسيلن تي مڪمل ضابطو ۽ حڪمراني، ملڪي  وهنوار ۽ سرڪاري نوڪرين ۾ پٺتي ڌڪڻ، وفاقي ۽ ملڪي ادارن اندر نالي ماتر شموليت ڏيڻ ۽ دنيا سان مخاطب ۽ لهه وچڙ جا سڀئي طريقا ۽ موقعا پنهنجي هٿ ۾ ڪرڻ ۽ ملڪ اندر قومن جي هزارين سالن جي تاريخ، ٻولي ۽ تهذيب کي مٽائڻ ۽ ميسارڻ، تنهن  کان علاوه سنڌين ۽ بلوچن کي انهن جي صوبن اندر مختلف هندن تان ماڻهو گهرائي انهن کي رعاتون ۽ سهولتون ڏئي انهن جا ڳوٺ ٻڌڻ ته جيئن ڌرتي ڌڻين کي اقليتن ۾ تبديل ڪري باقي بچيل طاقت ۽ اثر کي به هيسائي ۽ دٻائي بدترين غلامي واري زندگي جيارڻ لاءِ مجبور ڪن.

سنڌين پنهنجي تاريخي طور تي رواداري، مهمانوازي۽ امن پسند هجڻ ڪري ڪيترائي ڌڪ کاڌا آهن. اڄ جي سزا ب شايد انهي محبتي رويي ۽ رواداري واري سوچ جي ڪري ملي رهي آهي. سنڌين کي مٽائي ۽ ڀت سان لڳائڻ جي تاريخ پاڪستان کان پهرين جي آهي. پاڻي جي چوري هجي يا سياسي طرح ڪنڊائتو ڪرڻ واري روايت هجي انهن سڀني جون پاڙون مسلم ليگ جي سياست ۾ کتل آهن.

هندستان ڄائي پاڪستان جي پهرين وزيراعظم لياقت علي خان جي ڀرپورڪوشش رهي هئي ته سنڌ جا وڏا شهراردو ڳالهائيندڙن جي آبادي هيٺ آباد ٿين ۽ انهيءَ ئي منصوبابندي تحت انڊيا مان لڏي ايندڙن سڀني اردو ڳالهائيندڙن کي سنڌ اندر آباد ڪيو ويوهو. ڪنهن حد تائين انهن جي سازشن پنهنجا اثر ضرور ڇڏيا جنهن جي ڪري ئي ڪراچي شهر ۾ سندن آبادي ججهي تعداد ۾ آباد ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي. ان کانپوءِ ب پنجابي پناهگير ٽولي جي مسلسل سازشن ۽ ڳٺ جوڙجي ڪري ڪراچي انتظامي طور ان پناهگير ٽولي جي اثر هيٺ رهيو آهي. انهيءَ کانپوءِ جنرل ايوب، هڪ دفعو ٻيهر اهڙي منظم ڪوشش ڪري پنجابي ۽ پٺاڻ آبادي کي سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ ترسائڻ جو جوڳو بندوبست ڪيو ته جيئن سياسي طرح پاڪستان ۾ پنجابي پناهگير ٽولي جو غلبوقائم رهي ۽ اهي ئي ملڪ جون واڳون سنڀاليندا رهن ۽ ملڪ جي اندر قومن جي ڪمائي تي پنهنجا ئي ڀڀ ڀريندا رهن. پر تنهن هوندي به انهيءَ ٽولي کي پنهنجا مقصد پورا ڪرڻ لاءِ ڪٿي ڪمي رهجي وئي. جيڪا ڪمي اچي جنرل ضياءَالحق پوري ڪئي. ڀٽي کي قتل ڪرڻ کانپوءِ سنڌين جو رد عمل ڏسي عسڪري قوتن سنڌ کي هڪ دهشتگرد لساني جماعت تحفي ۾ ڏني ته جيئن سنڌي پنهنجي طاقت ۽ قوت جو استعمال ان تنظيم کي منهن ڏيڻ سان ڪندا رهن ته پنجابي پناهگير ٽولي جا معاشي ۽ سياسي مفاد ائين ئي ۽ اهڙي ئي طاقت سان برقرار رهي سگهن.

بنيادي طرح سنڌين کي گهڻ طرفو منهن سان لڳائڻ ۽ پٺتي ڪرڻ لاءِ نه صرف منصوبابندي ڪئي آهي پرانهيءَ لاءِ عملي قدم به کنيا ويا آهن. سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءَ سڀني هٿڪنڊن مان هڪڙو سگهارهٿيار ڌارين جي نئين سر آبادڪاري آهي جنهن کي  پڻ ڪتب آندو ويو آهي. ڪڏهن لساني جماعت کي ڇوٽ ڏئي ٻاهران اردو ڳالهيائيندڙ ۽ بنگالي گهاريا ويا آهن ته ڪڏهن ٻين صوبن مان روزگار جي بهاني گهرائي انهن کي هتي سنڌ ۾ پنهنجن ڳوٺن کان وڌيڪ سهولتون آڇي ڳوٺ ۽ ڪالونيون ٺاهي ڏنيون ويون. جنگن ۾ بهادري ڏيکارڻ کان وٺي دهشتگردي جي جنگ وڙهڻ تائين سڀني کي پلاٽ ۽ زمينون تحفي طورسنڌ ۾ ڏنيون ويون آهن. سنڌين جي گوڙ ۽ گهوڙا گهوڙا ڪرڻ تي انهن کي ملڪ دشمني جي ڪيسن ۾ ڦاسائي اغوا ڪيو ويوآهي يا انهن کي ٽارگيٽ ڪلنگ ڪري ماريو ويوآهي. ٻئي طرف انهن آبادٿيندڙ پنجابين، پٺاڻن ۽ ٻاهران آيل اردو ڳالهائيندڙن کي ڊوميسائل ٺهرائي ڏئي سنڌ جي ڪوٽا تي انهن کي وفاق توڙي صوبن ۾ نوڪرين سان نوازيو ويوآهي.

گذريل پنجن مردمشارين وانگر اڄ به اهي قوتون جيڪي سنڌين کي اقليت ۾ ڏيکاري سنڌ جي حصي ۾ آيل نوڪريون، وسيلا،  سماجي، معاشي ۽انفراسٽڪچرجي مند ۾ ٿيدڙ ترقياتي ڪمن جون اسڪيمون، ٻولي ۽ شناخت کي مٽائڻ لاءِ سرگرم آهن. توڙي جو سنڌ ۾ گهڻائي انهن ماڻهن جي آهي جيڪي هن نظام، وفاقي سرشتي ۽ موجوده حڪومتي طريقيڪار کان خفا هجڻ سان گڏ و گڏ متبادل واٽ جي ڳولها ۾ آهن. پر پوءِ ب جيسيتائين اها متبادل واٽ جيڪا سنڌين کي پنهنجي وسيلن تي مڪمل اختيار ڏيڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ئي صوبي اندر حڪومت هلائڻ، ٺاهڻ ۽ ان کي پنهنجي مرضي مطابق پنهنجن ماڻهن جي ترقي خوشحالي لاءِ ڪتب آڻڻ جي راه هموار ٿئي تيسيتائين موجوده نظام ۾ سنڌين جي شناخت، وسيلن ۽ سياسي حقن جي قانوني ۽ آئيني بالادستي کي ڪيئن يقيني بڻائجي واري سوال لاءَ ضروري آهي ته ٿيندڙ ڇهين گهر شماري ۽ مردم شماري ۾ ڀرپور طريقي سان حصو وٺي انهن ڀٽڪيل ۽ خوشفهمين جي ڪوڙه ۾ ورتلن جي ٽولن جي منهن تي چماٽ هڻي ڪڍجي ته جيئن اهي ڪيترن ئي ڏينهن تائين ننڊن لاءِ تسبيح پڙهندا رهن ۽ سوچيندا رهن ته هيترن سارين رڪاوٽون جي باوجود ب سنڌين جي ڳڻپ درست ۽ مڪمل ڪئين ٿي وئي. اهو تڏهن ٿي سگهندو جڏهن هر ساڃاهه وند سنڌي سڀ ويڇا، نفرتون، سياسي برتري وارا سلوڪ پاسيرا ڪري هڪ ٿي رٿابندي تحت ٿر کان جابلوپٽي تائين، درياه جي ڪچي کان سامونڊي پٽي تائين، شهرن جي پاڙن ۽ محلن تائين نه پنهچنداسين تسيستائين حقيقي ۽ صحيح ڳڻپ نه ڪرائي سگهنداسين.

نتيجي ۾ آبادي جي بنياد تي ٿيندڙ وسيلن جي ورڇ، روزگار، ترقياتي ڪم، تعليم ۽ صحت جون سهولتون، روڊن ۽ رستن جون اسڪيمون، ان کان ب وڌيڪ اهم سسياسي نمائندگي ۽ وفاقي ادارن اندر نوڪرين ۾ حصي پتي کان محروم ٿي وينداسين. مردمشماري ۽ گهر شماري واري مهم ۾ ٿيڻ ته ائين کپي ها ته پاڪستان پيپلز پارٽي جا سنڌ اندر چونڊيل صوبائي توڙي وفاقي نمائندا پنهنجن تڪن ۾ ماڻهن کي آگاهي ڏيڻ، گهر شماري ڪندڙ عملي کي سهولتون ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن جي مدد پڻ ڪن ته جيئن سنڌ اندر ڪو به گهر ۽ فرد ڳڻپ کان رهجي ن وڃي. پر جيئن ته پيپلز پارٽي کي سنڌ جي مفادن کان وڌيڪ وفاق ۽ نوڪري ڏيندڙن جوغرض آهي تنهنڪري انهن کي صحيح ڳڻپ سان ڪا به دلچسپي نه آهي. انهيءَ لاءِ اها ذميواري قومپرست سياسي پارٽين، سماجي تنظيمن، قلم ڪارن، اديبن، استادن، سول سوسائٽي جي نمئاندن، عورتن جي تنظيمن، نڍن وڏن  فورمن، جماعتن ۽ سنڌ ادبي سنگت تي عائد ٿئي ٿي ته هو انهيءَ لاءِ پر جوش ۽ سرگرم رهي حصو وٺن ته جيئن سنڌي آبادي جي صحيح ڳڻپ کي يقيني بڻائي نه صرف سنڌ جي ٻولي جوتحفظ ڪري سگهجي ٿو پر وفاق ۽ سنڌ جي اندر سنڌي ماڻهن جي حاڪميت واري حقن جي دعويٰ کي ب ثابت ڪري سگهجي ٿو. گھرشماري ۽ مردمشماري کي پر اثر ۽ يقيني بڻائڻ لاءِ هيٺيان قدم کڻڻ جي ضرورت آهي:
·        ٻوڏ کانپوءِ ماڻهن جي دربدري، پنهنجي گهرن ۽ ڳوٺن کان پري هجڻ ڪري هر گهر ۽ ڳوٺ جي ڳڻپ کي يقيني بنائڻ
·        گهرشماري ڪندڙن جي ڏورانهن علائقن جهڙوڪ ڪاڇي، ٿر، جابلو ۽ ڪچي وارن علائقن سان گڏوگڏ ۽ سامونڊي پٽي تائين رسائي کي ممڪن بنائڻ
·        شهرن ۾ خصوصن ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڪجهه علائقن ۾ گهر شماري، مردمشماري جي فارم ڀريندڙجي نظرثاني رکڻ ته جيئن هو ٻڌايل معلومات ۽ انگن اکرن جي صحيح نموني سان داخلا ڪن.
·        پ ٽ الف ۽ لڳاپيل عملي جي سکيا ۽ تربيت ڪرڻ ته جيئن شادي شده جوڙوالڳ خاندان طور داخلا ٿي سگهي.
·        ڪراچي اندر لساني تنظيم ۽ بلوچ گروپس طرفان پيدا ڪيل خوف ۽ هراس واري ماحول کي پر امن بڻائڻ ۽ پيدا ڪيل رڪاوٽن کي هٽائڻ لاءَ حڪمت عملي جوڙڻ.
·        سڄي سنڌ اندر جاڳرتا مهم هلائڻ ته جيئن هرسنڌي جي ڪنن تائين گهر شماري ۽ مردمشماري جا آوز پڙاڏا ٿي گونجندا رهن، انهيءَ ۾ سنڌ جون قومپرست سياسي جماعتون جسقم، سنڌ ترقي پسند پارٽي، عوامي تحريڪ، سنڌ يونائٽيڊ پارٽي ۽ ٻيون نمايان ۽ پر اثر ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون.
·        سنڌ ۾ لکين ماڻهن جا شناختي ڪارڊ ناهن ٺهيل انهن جي ڳڻپ کي يقيني بڻائڻ لاءَ رٿابندي ڪرڻ.
·        ميڊيا، قلمڪار۽ اديب پنهنجن لکڻين، خبرن ۽ اسٽورين ذريعي عام ماڻهوکي تعليم ڏئي انهن کي ان سڄي عمل ۾ پراثرطريقي سان  شريڪ ڪرائي سگهجي ٿو.
·        سماجي تنظيمون ۽ سول سوسائٽي جا نمائندا ۽ ٻيا فورم پنهنجي ورڪرن ۽ پگهاردارعملي ذريعي ان مهم  کي جهر جهنگ تائين پهچائڻ ۾ سگھاروڪردارادا ڪري سگهن ٿا.
·        ٽي وي چئنلز، ريڊيو ۽ مختلف ادارا ان سڄي مهم تي ناٽڪ ۽ مختصر فلمون ٺاهي ماڻهن کي گھرشماري واري مهم جي اهميت کان  باخبر ڪري انهن جي شرڪت کي يقيني بڻائي سگهن ٿا.
·        پمفليٽ، اسٽيڪر ۽ ٻيو لکيل مواد ڇپرائي ۽ ورهائي وستي ۽ ڳوٺن جي ماڻهن کي سرگرم ڪري سگهجي ٿو.
·        سڄي سنڌ ۾ ريڊيو ذريعي مهم هلائي ماڻهن کي پنهنجا ڪٽنب شادي شده جوڙي طور۽ صحيح معنيٰ ۾ داخلا ڪرڻ لاءِ سجاڳي پيدا ڪري سگهجي ٿي.
·        ڳوٺن ۾ استاد، مولوي صاحب ۽ پنڊت ڳڻپ ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا تنهنڪري سياسي تنظيمن ۽ ساڃاهه وند ڌرين کي انهن ٽنهي ڪردارن سان ويهڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي.
·        موبائل فون جي SMS  ذريعي به ڳڻپ واري مهم کي هٿي وٺرائي سگهجي ٿي.
·        اخباري اشتهارن ذريعي ڳڻپ واري مهم کي وڌيڪ تيز ۽ بامعنيٰ ڪري سگهجي ٿو.

انهيءَ سان گڏوگڏ ان گهر شماري ۽ مردمشماري لاءِ ڪيتريون ئي درپيش للڪاريون پڻ آهن جنهن کي ب حل ڪرڻ جي ضرورت آهي جن مان ڪجھ هيٺ ڏجن ٿيون:
1.     پنجاب، خيبرپختونخواهه، ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان جي اها آبادي جيڪا روزي بهاني سنڌ اندر ترسيل آهي ۽ هتان پيسا ڏوڪڙ ڪمائي هر ٻي ٽي مهيني پنهنجي گهرن ڏانهن وڃي ٿي انهن جي ڳڻپ جو ڪهڙو کاتو هجڻ گهرجي تي غور ويچار ڪرڻ.
2.     انهيءَ سان گڏوگڏ ڪراچي جون کوڙ ساريون ڪميونٽيون جهڙوڪ ڪڇي، ميمڻ، گجراتي، لياري جا بلوچ جيڪي تاريخ طورتي ٺٽي سنڌ سان تعلق رکن ٿا وغيره جن جي ٻولي سنڌي ٻوليءَ جا مختلف لهجا ٿي سگھن ٿا کي ڳڻپ دوران سنڌي ٻولي جي کاتي ۾ ڳڻائڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ.
3.     ڪراچي ۽ حيدرآباد اندر ڳڻپ وارو عملو غيرسنڌي هئڻ ڪري انهن علائقن ۾ سنڌي آبادي جي ڳڻپ کي يقيني بڻائڻ ۽ ٻولي واري کاني ۾ سنڌي ٻولي جي لکت کي يقيني بڻائڻ لاءَ ڪوششون وٺڻ.
4.     اهو به ڪوي امڪان آهي ته جيئن ساڃاهه وند سنڌي گهر شماري ۽ مردمشماري جي سلسلي ۾ اٿي کڙا ٿيا آهن، ان جي برعڪس اهي قوتون جيڪي سنڌين کي اقليتن ۾ ڏسڻ چاهين ٿيون پٺيان بحري بازبڇي ڳڻپ واري عملي کي ڏوراهن علائقن ڏانهن رسائي کي ڪٺن ۽ غير يقيني بڻائين، انهيءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ متبادل حڪمت عملي ٺاهڻ.
5.     اهي به خدشا ٿي سگهن ٿا ته اهڙي مهم هلائڻ کانپوءِ سرڪار سڳوري، نواز شريف جي اڳي حڪومت وانگر نتيجن کان انڪاري ڪري ان کي هٿ ٺوڪيا انگ اکر ۽ واڌو ڪري ڏئي ڇڏي، انهيءَ لاءِ ساڃاهه وند ڌرين کي پاڻ ۾ ڳالهائڻ ۽ ڪنهن گڏيل سوچ تي پهچڻ جي ضرورت آهي.


jabbarbhatti@gmail.com

No comments:

Post a Comment