Friday 27 May 2011

Destiny is still Away

اڃا منزل پري آهي
ليکڪ: عبدالجبار ڀٽي

قومن جي تاريخ جڙڻ ۾ ثقافت ۽ تهذيب جو وڏو عمل دخل رهيو آهي. اهي ثقافتي عمل ئي هوندا آهن جيڪي قوم اندر سڀني گروهن، مختلف فقهن ۽ خيال رکندڙ ماڻهن  ۽ فردن کي هڪڙي پليٽ فارم تي گڏ ڪري انهن کي پنهنجي ثقافت سان هيڪڙائي ۽ گڏيل محبت جي اظهار جو موقعو فراهم ڪندا آهن.
جڏهن 4 ڊسمبر 2009ع تي سنڌ جي سڀني وارثن هڪ آواز ٿي پنهنجي ثقافت ۽ تهذيب کي محبت جي ڀيٽا ڏني هئي، ته مون ۾ ان خيال جا گؤنچ ڦٽڻ شروع ٿيا هئا ته موجوده دور ۾ ثقافت ئي هڪ اهڙو سگهارو هٿيار ٿي سگهي ٿو، جنهن کي استعمال ڪندي سنڌي ماڻهو نه صرف پنهنجا حق وٺي سگهن ٿا پر ملڪي ۽ بين الاقوامي سطح تي پنهنجي هڪ نمايان  ۽  الڳ حيثيت پڻ مڃرائي سگهن ٿا. ثقافتي ڏينهن ملهائڻ ۽ ثقافت کي هڪ سگهاري هٿيار  طور استعمال ڪري پنهنجي حيثيت مڃرائڻ ڪا نئين ڳالهه ڪونهي. دنيا اندر مختلف قومون ائين ڪنديون رهيون آهن. سنڌ ۾ به ائين ٿيندو رهيو آهي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جڏهن سنڌ جا حق ڦٻايا ويا ۽ سنڌي ماڻهن کي سياسي طرح ڀت سان لڳائڻ شروع ڪيو ويو هو، تڏهن سنڌ جي عظيم رهبرن ۽ اڳواڻن  حيدر بخش جتوئي ۽ جي.ايم. سيد، انهي ثقافت واري  لاڙي کي متعارف ڪرائي سنڌ اندر هڪ نئين جدت ۽ تحريڪ پيدا ڪئي هئي ۽ ان تحريڪ سنڌي ماڻهن ۾هڪ نئين سگهه ۽ قوت پيدا ڪئي هئي، ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو سنڌي ماڻهن پنهنجي تاريخ، ٻولي ۽ ثقافت کي سمجهندي پنهنجن ويرين خلاف استعمال ڪرڻ شروع ڪيو هو.  ان تحريڪ جي نتيجي ۾ ئي سنڌ جي ثقافت دنيا سان متعارف ٿي هئي. ان تحريڪ منظم طرح سان سنڌي ماڻهن ۾ سنڌ جي قومي  ثقافتي روايتن کي متعارف ڪرايو ۽ سنڌي ماڻهن کي سنڌ جي سماجي ۽ قومي ڪردارن بابت آگاهي ڏني. انهي کان پوءِ سنڌ جي ثقافت کي مختلف پهلوئن کان سمجهڻ لاءِ ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا. انهي لکيل مواد ذريعي دنيا کي هن عظيم ۽ قديم ثقافت ۽ تهذيب جي ڄاڻ ڏني وئي. اهو سهرو يقينن جي. ايم. سيد جي سر تي ئي اچي ٿو. اهڙي طرح دنيا سان هن عظيم ۽ قديم تهذيب ۽ ثقافت جو تعارف ٿيڻ شروع ٿيو هو.
تنهن کان پوءِ جڏهن هن سال 2010ع ۾ نه صرف سنڌ اندر پر سڄي دنيا ۾ سنڌ جي ثقافت  سان ايڪتا جا ڏينهن ملهايا ويا. تنهن نه صرف سنڌ دشمن قوتن کي ڇرڪائي ڇڏيو پر انهن جا ڪن به کڙڪائي ڇڏيا جن سالن تائين سنڌي ماڻهن ۽ ان جي ٻولي ۽ ثقافت کي پٺتي ڌڪڻ ۾ ڪائي ڪثر ڪانه ڇڏي هئي.
آءٌ جس ٿو ڏيان انهن سڀني ڌرين ۽ ماڻهن کي جن ثقافت ۽ ايڪتا جا ڏينهن نه صرف ملهايا پر ڪيترن ئي ڏينهن تائين سنڌي قوم کي انهن لاءِ اتساهيندا ۽ مائل ڪندا رهيا.  اهڙا ئي مثبت ڪردار ۽ عمل جيڪي قومن کي پٽ تان کڻي آسمان تائين پهچائيندا آهن. اهڙا اتساهيندڙ عمل ئي هوندا آهن جيڪي قومن کي دنيا سان متعارف ڪرائيندا آهن ۽ ترقي يافته قومن سان سامهون ٿي بيهڻ لاءِ موقعا فراهم ڪندا آهن. اهڙن عملن جي ڪري قومن جي ثقافت نه صرف اجاگر ٿيندي آهي پر دنيا اندر انهن جي هڪ خاص قسم جي اهميت ۽ مقام جڙندو آهي.
تنهن ڪري  آءٌ بطور سنڌي هجڻ جي سنڌ جي هر انهي فرد ۽ ميڊيا جي چئنلن کي مبارڪباد ڏيان ٿو جيڪي سنڌي قوم کي ثقافت ۽ ايڪتا جي ڏينهن تي متحرڪ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا. دنيا ڏٺو ته سنڌي قوم پنهنجي پوشاڪ، پنهنجي تهذيب ۽ پنهنجي ثقافت سان هڪ ٿي محبت ۽ اڪير جو اظهار ڪيو  ۽ هر اهو سنڌي جيڪو دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهي ٿو ان پنهنجي ثقافت سان محبت جو اظهار  مختلف طريقن سان ڪيو.
ان سڄي مهم دوران ڪيترن ماڻهن طرفان سنڌي ثقافت ۽ ايڪتا جي حوالي سان نئين نڪور شاعري سرجي آئي ۽ اها نئين تخليق سالن تائين ان ثقافت ۾ روح ڦوڪيندي رهندي. ڪيترن ئي شاعرن، اديبن ۽ لکيڪن پنهنجي ٻولي پنهنجي ثقافت ۽ ٻڌي کي مختلف ڀيٽائون ڏنيون جيڪي به سنڌي ثقافت کي وڌڻ ويجهڻ ۽ ان کي وڌيڪ سگهارو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون.
هن سڄي عمل دوران ٻي سٺي ڳالهه هي به ٿي آهي ته اجرڪ ۽ ٽوپي ٺاهيندڙ صنعت کي هٿي ملي آهي. هزارين اهي خاندن جن جو گذر سفر ٽوپي ۽ اجرڪ ٺاهڻ تي هوندو هو، انهن کي پنهنجن ٻچن جي اهنجن کي گهٽائڻ جو هڪ خوبصورت موقعو مليو آهي. ٽين ڳالهه هي به ٿي آهي ته اهي ماڻهو جيڪي مغربي پوشاڪ کان انتهائي گهڻو متاثر هيا ۽ عملي زندگي ۾ به انهي پوشاڪ ۾ پنهنجي سونهن ۽ سوڀيا ڏٺي هئي، انهن سنڌي ٽوپي  ۽ اجرڪ ڏانهن لاڙو ڪيو آهي. کوڙ سارا اهي ماڻهو جن کي ٽوپي اجرڪ ته ٺهيو پر شلوار قميص پائيندي به ڦڪائي محسوس ٿيندي هئي، انهن ان ڏينهن تي شلوار قميص ۽ اجرڪ ٽوپي پائي سرهائي پئي محسوس ڪئي. ان ڏينهن تي سنڌي ماڻهو ڄڻ ثقافت ۽ ايڪتا جا ڏينهن ملهائڻ بدران جيت ۽ جشن ڏيڻ جا ڏينهن ملهائيندا هجن. ٻوڏ جي تباهڪاري ڄڻ کين ياد ئي نه هئي.
انهن ڏينهن تي ڄڻ ائين لڳي رهيو هو ته سنڌي قوم سالن کان پوءِ پير صبغت الله شاهه راشدي، شهيد الله بخش سومرو، عبدالمجيد سنڌي ۽ جي ايم سيد جا سنيها سمجهندا ۽ ورهائيندا هجن. مون کي ته ائين لڳي رهيو هو ته اسين موهن جي دڙي جي اهميت کي هاڻي سمجهيو آهي. اسان کي سنڌو جي سينڌ ۾ لڪل حُسن به هاڻي ئي نظر آيو آهي. هر طرف ايتري ته خوشي، جوش ۽ ولولو هو ڄڻ ته سڀني جي چپن تي هوش  محمد شيدي جا اهي ٻول ٻُرندا هجن ته “مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون”
ثقافت جا ڏينهن ڄڻ ته اسان لاءِ جيت ۽ سوڀ جا ڏينهن هجن، ڄڻ ته سنڌي قوم پاڪستان ۾ ٿيندڙ انهن سڀني ناانصافي ۽ اڻ برابري واري ورتاءُ خلاف اعلان جنگ ڪندا هجن. ڄڻ ته انهي قبضا خور پنجابي، پناهه گير ٽولي کي پنهنجي شڪست اکين سان ڏيکاريندا هجن، جن گذريل 63 سالن ۾ سنڌي ثقافت، ٻولي ۽ ايڪتا کي نه صرف نظرانداز ڪيو آهي پر انهي کي مٽائڻ ۽ فنا ڪرڻ ۾ مختلف اٽڪلون ۽ حرفت بازيون استعمال ڪيون آهن.
هي جيڪا ماروي واري حب پنهنجي وطن ۽ پنهنجي ڏوٿيئڙن لاءِ پيدا ٿي آهي ان کي وڌائڻ ۽ ان کي گهڻ طرفي اظهار ڏانهن وٺي وڃڻ جي ضرورت آهي. “اسان کي پنهنجي ثقافت، تهذيب کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اڃا وڌيڪ منظم  ۽  منصوبه بندي تحت قدم کڻڻا پوندا. هي جيڪو اظهار سنڌ جي جهر جهنگ، وستي واهڻ ۽ هر ننڍي  ۽ وڏي شهر مان اڀريو آهي ان کي پر اثر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هي ملهايل ڏينهن ته صرف ٽيلر هئا اڃا سڄي فلم ته باقي رهيل آهي جنهن کي هلائڻ جي ضرورت آهي. اسان ته صرف ٽوپي ۽ اجرڪ ڏينهن ملهايا آهن جيڪو ثقافت جو هڪ حصو آهن. پر پوري ثقافت پوشاڪ تي بيٺل ڪين آهي. ثقافت ۾ ته ٻولي به اچي ٿي، ثقافت ۾ فنون لطيف به اچي ٿو، اسان جون ريتون، رسمون، اسان جي اٿڻي ويهڻي ۽ سماجي ۽  قومي رويا به اچي وڃن ٿا، جن کي به ملهائڻ ۽ اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي.
سنڌي ميڊيا جو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن تي اهو احسان ٿيندو جو هو هن شروع ڪيل ريس ۽ سنڌ سان محبت جو  اظهار واري گوءِ کي ٻين سنڌي ۽ قومي مسئلن تائين کڻي وڃن. جن سان نه صرف سنڌ جي بقا سلهاڙيل آهي. پر سنڌ جي ترقي  ۽ خوشحالي به سندن ئي مسئلن سان منسوب آهي. هاڻي سنڌي ٻولي جا ڏينهن به ملهائڻ گهرجن. اها ٻولي جيڪا دنيا جي قديم ٻولين مان هڪ آهي، جنهن جو دنيا جي چند ٻولين وانگر رسم الخط پنهنجو آهي. جنهن جي لغت ۾  ڪيترن ئي لفظن، معنائن ۽ مفهومن جو ذخيرو آهي جيڪو سنڌي ٻولي جي آسودگي کي ظاهر ڪري ٿو. هي سنڌي ٻولي اها ٻولي آهي، جنهن جي وڪالت لاءِ هر ننڍي وڏي پڙهيل لکيل سنڌي نه صرف ڳالهايو آهي پر هر محاذ تي وڙهيو به آهي. شيخ اياز جڏهن سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر هيو ته هن کي اسلام آباد ۾ هڪ هنڌ ٻولي تي ڳالهائڻ جو موقعو مليو، هن اتي دنيا جي ماڻهن اڳيان جتي خود ذوالفقار علي ڀٽو پڻ ويٺل هو، سنڌي ٻولي جو ڪيس ڀرپور نموني سان رکيو ۽ ٻڌندڙ کي مڃرائڻ ۾ ڪامياب ويو ته سنڌي هڪ عظيم ۽ قديمي ٻولي آهي جنهن کي پاڪستان اندر قومي ٻولي جو درجو ملڻ کپي. سنڌي ٻولي کي  ممتاز ڀٽي جي چيف منسٽر واري دور ۾ اڪثريتي راءِ سان سنڌ اسيمبلي مان بل پاس ڪري قومي ٻولي جو درجو ڏنو ويو هو، پر ذوالفقار ڀٽي کي سنڌي ٻولي جي قومي ٻولي ٿيڻ ۾ خطرو محسوس ٿيو هو جنهن پوءِ ڪجهه پناهگيرن جي چوڻ تي پنهنجا صدارتي اختيار استعمال ڪندي سنڌ اسيمبلي جي پاس ڪيل بل کي رد ڪري سالن جي دز چڙهيل خانن ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو. اسان کي اڃا پنهنجي شاهوڪار  ۽ وسيع ٻولي کي به نه صرف بچائڻ جي ضرورت آهي پر ان کي هٿ وٺرائي دنيا اندر متعارف ڪرائڻ جي پڻ ضرورت آهي.
اهڙي طرح تعليم جنهن کي ثقافت ۽ ٻولي جي وڌڻ ۽ ويجهڻ لاءِ هڪ سگهارو هٿيار سمجهيو ويندو آهي،  ان جي حالت اسان ۽ توهان کان ڳجهي ڪين آهي. ٻهراڙي جا اسڪول ته ڀوتارن جو اوطاقون بڻيل آهن. ماستر ويچارڙا پڙهائڻ جي بدران نه وڃڻ لاءِ سفارش تي سڄو وقت وڃائڻ کي ترجيح ڏين ٿا. ڪاليج ۽ يونيورسٽين ۾ هڪڙا اهڙا فرد ۽ گروهه بڇيا ويا آهن جيڪي به هڪ الڳ ايجنڊا تي ڪم ڪندي ڪڏهن ڪلاس جا بائيڪاٽ ڪرائڻ ۾ مصروف آهن ته ڪڏهن گولين جا فائر ڪري معصوم شاگردن کي ڊيڄارين ۽ حراسين ٿا. انهي سڄي ماحول مان شاگرد جڏهن ڊگريون وٺي ٻاهر نڪرن ٿا ته انهن کي سٺي طرح سان پنهنجا سبجيڪٽ به نٿا اچن. تعليم ڏانهن اهڙي ڇسي ۽ لاپرواهي واري رويي، اسان جي نئين نسل کي ڪتابن سان اوپرائپ وڌائي ڇڏي آهي. ستر ۽ اسي واري ڏهاڪي ۾ سنڌ اندر تاريخ، ادب، سياست ۽ شاعري پڙهڻ جو تمام گهڻو رجحان هوندو هو جيڪو  هاڻي آهستي آهستي ختم ٿيندو وڃي ٿو. نوجوانن ۾ مهيني ۾ سيل فون  تبديل ڪرڻ جو رجحان ته زور پڪڙيندو ٿو وڃي پر هو مهيني اندر هڪڙو ڪتاب به وٺڻ لاءِ تيار ڪونه آهن. هي تعليم ۽ علم جي ايڏي وڏي تباهي.... اچو  ته انهيءَ کي بچائي، نوجوانن ۾ پڙهڻ ۽ استادن کي پنهنجون ذميواريون پابندي سان نڀائڻ لاءِ مهم هلايون ته جيئن اسان جو نئون نسل دنيا جي جديد علم سان سرشار ٿي  بين الاقوامي سطح تي سائنس، فلسفي، تاريخ  ۽ ادب ۾ پنهنجو نالو ڪڍرائي سگهي ۽ نوبل انعام وٺندڙن جي فهرست ۾ شامل ٿي سگهي.
سنڌ کي وري محمد امين کوسي، الاهي بخش سومري، عبدالمجيد سنڌي ۽ جي ايم سيد جهڙن سگهارن ۽ مخلص ڪردارن جي ضرورت آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جهڙن عظيم رهبرن جي ضرورت آهي. اهو تڏهن ٿي سگهندو جڏهن اسين سڀ پنهنجي تعليم کي بچائڻ لاءِ گڏيل  ۽ سنجيده ڪردار ادا ڪري سگهنداسين.
اهڙي طرح اسان کي اڃا گهڻن محاذن تي جنگ جوٽڻي آهي. اسان جي وسيلن جي مالڪي به هڪ اهڙو ئي سنگين ۽ اهم مسئلو آهي. اسان کي هن موجوده نظام ۾ برابري واري شموليت ۽ شرڪت کي يقيني بنائڻ لاءِ به ائين ئي هڪ ٿيڻو پوندو. چيو ويندو آهي ته معاشي طاقت ئي سياسي ۽   سماجي طاقتن جو تعين ڪندي آهي. تنهن ڪري وسيلن جي مالڪي ۾ ئي اصل طاقت  ۽ جياپو آهي. تنهن ڪري ضروري آهي ته اسان کي پنهنجي تيل، گئس، ڪوئلو، سمونڊ  ۽ ٻين اڪيچار قدرتي وسيلن جي مالڪي لاءِ مهم هلائڻ گهرجي.
اسان کي پنهنجي تاريخ، تمدن ۽ تاريخي ماڳ بچائڻ لاءِ به اهڙي قسم جون زور شور سان مهمون هلائڻ جي ضرورت آهي. ته جيئن نظرانداز ٿيل موهن جو دڙو، رني ڪوٽ، ڪوٽڏيجي، گورک جهڙا شاندار ۽ شاهڪار ماڳ بچائي  انهن کي دنيا اندر متعارف ڪرائي سگهجي.
اسان جي سنڌي سازن ۾ ايڏو ته مٺاس ۽ محبت  سمائيل آهي جو جڏهن بينن جو آواز هوا ۾ گونجڻ لڳندو آهي ته آسمان ۾ اڏامندڙ پکي به رقص ۾ شروع ٿي ويندا آهن. جڏهن ٿر ۾ واري جي ڀٽن ۽ ڪارونجهر جي ڪڇ ۾ چارڻ چنگ وڄائيندو آهي ته ڪي ئي ٻيجل سر تري تي رکي سندس ڳولا لاءِ نڪري پوندا آهن. جڏهن جبلن ۾ مورو ڳايو ويندو هو ته اڙهاگا پنڌ به سولا ۽آسان ٿي پوندا هئا. اسان جي ته مرلي به مئل ماڻهو ۾ ساهه وجهي ٿي ڇڏي. اها موسيقي جي ايڏي وڏي کاڻ اسان کي ئي ته بچائڻي آهي.
اسان کي اڃا پنهنجي جيجل سنڌ جي سينڌ سنوارڻ ۽ سونهن ۾ چار چنڊ لڳائڻ لاءِ به هڙان وڙان پنهنجي سگهه ۽ طاقت جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. اسان کي حقيقي خوشي تڏهن ئي ملندي  جڏهن اسان جو هي گڏيل اظهار گڏيل سياسي طاقت جو روپ اختيار ڪندو. تڏهن ئي اسين پنهنجي ان سياسي طاقت کي استعمال ڪندي پنهنجو ڪردار عالمي سطح تي نڀائي سگهنداسين. جڏهن ان گڏيل طاقت جو استعمال اسان جي پنهنجي منشا مطابق هوندو تڏهن ئي سنڌ اولهه ۽ اوڀر ۾ پل وارو ڪردار ادا ڪري سگهندي. تڏهن ئي اسين سنڌي پنهنجي صوفي بزرگن جي درس جو صحيح پرچار ڪري عالمي امن ۾ اثرائتو حصو وجهي سگهنداسين. جنهن لاءِ علامه آءِ آءِ قاضي چوندو رهيو هو ته سنڌ کي انهن صالحين جي ضرورت آهي  جيڪي سنڌ جو تعارف دنيا سان هڪڙي الڳ طريقي سان ڪرائين. اهو تعارف ڪري پنهنجي جوهر ۾ گهڻ معنائون ۽ گهڻ رخو هئڻ گهرجي جيڪو سنڌ ۽ سنڌين جو دنيا جي گولي تي هڪ الڳ مقام جوڙي ۽ سنڌي به دنيا ۾ اڀرندڙ ۽ تهذيب يافته قومن ۾ شمار ٿيڻ جي سٿ ۾ شامل ٿي سگهي ۽ قومي، سياسي پارٽين جو وڏي ۾ وڏو ڪم اهو آهي ته هو اهڙا صالحين پيدا ڪن.
تنهن ڪري منهنجي انهن سڀني ڌرين، ميڊيا، سياسي رهنمائن، ساڃاهه وند فردن ۽ قومي ڪاڄ جي سڏ ڏيندڙن کي التجا آهي ته : “منزل اڃا پري آهي. 2011ع ۾ جڏهن سنڌي قوم اجرڪ، ٽوپي ،ثقافتي لباس پائي پنهنجن سنڌي سازن ۽ لوڪ گيتن سميت روڊن تي نڪري ايندا ته  دنيا ڏسي حيران ڪيئن نه ٿيندي ته جتي سڄي دنيا ۾ دهشتگردي ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هجي اتي سنڌي قوم پرامن ۽ محبتي طريقي سان دنيا سان مخاطب ٿئي صرف انهي لاءِ ته جئين دنيا کي ٻڌائي سگھي ته سنڌي قوم  هزارن سالن جي تاريخ رکي ٿي. سنڌ  اڪيچار قدرتي وسيلن سان مالا مال آهن. اسان جي ثقافت ۽ تهذيب ۾ ايتري ته ڪشش ۽ طاقت آهي جو هو دنيا جي امن ۾ پنهنجو سگھارو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. پر پو ءِ به اسان جا ماڻهو بکايل پيٽن سان رات جو ننڊون ڪن ٿا پو ءِ به  کين ڊيڄاري انهن جون ننڊون کسيون وڃن ٿيون. نوجوان نوڪريون نه ملڻ ڪري خودڪشيون ڪن ٿا. ٻهراڙي جا اهي سادا ماڻهو پوليس ۽ وڏيرن جي ظلم کان تنگ ٿي پنهنجي لڄ بچائڻ لاءِ هٿيار کڻن ٿا. اهي غريب هاري ۽ مزدور غربت جي ڪري پنهنجا جگر جا ٽڪڙا وڪڻن ٿا. ٻهراڙين ۾ ڌاڙيل بڇيا وڃن ٿا ته شهرن ۾ دهشتگرد.
هن وقت جيڪڏهن ضرورت آهي ته صرف اسان کي سچي نيت ۽ ايمانداري جي ضرورت آهي، باقي ته سڀ ڪم سولا ۽ ٿيڻ جوڳا ڏسبا اچن ٿا. بس شل ڀٽ ڌڻي جون هي سٽون سمجهي انهن کي هنيانءُ سان هنڊايون.”

کُهي جي کنيائين، وک تني ويجهو ڪيو
ڇڪي ڇنائين، پنڌ مڙيو پٻ جو

No comments:

Post a Comment