Friday 27 May 2011

May 12, restoration of Cheif Justice of Pakistan

Jabbar Bhatti
انصاف جي شهيدن سان انصاف ڪير ڪندو!
 عبدالجبار ڀٽي

جڏهن مارچ 2009, نيپال ۾, ججن جي بحالي جي خبر ڪنن تي پئي ته  دل ۾ بي تحاشا خوشي جي لهر رت جي ريلي وانگر جسم مان اظهارجڻ لڳي هئي. ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ته پاڪستان اندر غلام قومن، هيسايل ماڻهن ۽ هيل تائين ٿيل ناانصافين، مجرماڻي عملن، اسلام ۽ وفاق جي نالي ۾ ٿيندڙ ويساهه گھاتين جو درمان ڪڪرن جيان ملڪ مٿان لاماٽيون ڏيندو هجي. بحالي جي اعلان سان ائين لڳو هو ڄڻ پاڪستان اندر پيڙهيل، دٻايل ۽ نظر انداز ٿيل طبقي جي جيت انهن ٻهروپن جا ڪن کڙا ڪري ڇڏيا هئا جن گذريل 63 سالن کان پاڪستان اندر قومن کي يرغمال ڪري، غلام بڻائي حڪمراني جي واڳ مخصوص ٽولي ۽  قوم جي حوالي ڪري ڇڏي آهي.

پاڪستان اندر رياستي ادارن جي ڏهڪاءُ ۽ جبر جي ڪري ڪنهن به ائين سوچي ئي ڪين هيو ته ڪو عوامي قوت هٿان رياستي ادارن کي به ٻه ٽي قدم پوئتي هٽڻو پوندو. انهن ادارن ۽ انهن جي ساٿاري مفاد پرست حڪمران طبقي ته طرز حڪمراني اهڙي گهڙي هئي جنهن سان انهن  جي کن پل لاءِ ئي صحيح شڪست ناممڪن بڻيل هئي، پر پاڪستان اندر پنهنجي علم، عقل سان انصاف ڪندڙ طبقي، ماڻهن ۽ ادارن ان ڏاڍ، خوف ۽ لاقانونيت جي اهڃاڻ ادارن ۽ حڪومت کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪيو. بظاهر ته ائين لڳي رهيو هو ته شايد تاريخ ورجاءُ ڪري اهڙا مرد مومن پيدا ڪري ٿي جيڪي مهاڏ اٽڪائي انهن ڪوڙن بتن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏڻ لاءِ  ميدان ۾ لٿل آهن. توڙي جوانهن جو انت رياستي ادارن جي اڳيان بنهي بيڪار ۽ ضايع ٿي وڃڻ  جهڙو هو پراهي تاريخ ۾ نه مٽجندڙ بابن ۾ جاءِ ولاري رهيا هئا.

اهي ڏينهن انصاف جي ذهنن جي ڦرهين تان شايد مٽجي ويا آهن جڏهن سنڌي قوم، سياسي پارٽيون ۽ سول سوسائٽي جا ادارا ججن جي بحالي لاءِ لٺين جي منهن ۾ هئا. پوليس ۽ فوجي عملدارن جي دهشت کان ڪن لاٽار ٿي سرفهرست ۽ اڳيان اڳيان هئا. جڏهن  چيف جسٽس افتخاراحمد چوڌري سنڌ جي دوري تي نڪتو هو ته هر هنڌ اجرڪ ۽ ٽوپي جي ڀيٽا ڏئي استقبال ڪيو ويو هو. اها ٽوپي ۽ اجرڪ جي ڀيٽا انصاف جي پاسداري لاءِ هئي، ۽ انهي لاءِ هئي ته هن هڪڙي فوجي جنرل ۽ ڊڪٽيٽر سا مهاڏو اٽڪايوهو.پاڪستان جي تاريخ ۾ انڪار ڪرڻ جي تاريخ ٺاهي هئي. اهو ئي سبب هيوجو هزارين ماڻهو 12 مئي تي ڪراچي ۾ گڏ ٿيا هئا ته جيئن انصاف کي شڪست کائڻ کان بچائي سگھجي.

پر اهي ڪرائي جا قاتل جيڪي ڪوڙ جي پاسداري ڪري سچ ۽ انصاف کي شڪست ڏيڻ لاءِ اڳي ئي جوڳا بندوبست ڪيون ويٺا هئا تنهن استقبال لاءِ پهچندڙ سڄي سنڌ جي سياسي ڪارڪنن ۽ سماجي اڳواڻن تي گولين جا مينهن وسايا ويا هئا. تڏهن به اهي سنڌي موت کي مات ڏئي اڳتي وڌيا هئا. پر تنهن جي باوجود به اهي دهشگرد 12 مئي 2007 جي ڪهري ڏينهن تي انصاف کي سرعام ڪچليندا، روڊن تي گهليندا ۽ دٻائيندا رهيا. جڏهن انصاف جي اعليٰ اداري سپريم ڪورٽ جي سربراهه کي ايئرپورٽ تي يرغمال، بي وس ۽ هيڻو ڪري هڪڙي هنڌ ويهاريو ويو هو ۽ ســڄي ڪراچي هڪڙي دهشتگرد تنظيم جي هٿان مقتل گاهه۽ ڪوس خانو بڻائي وئي هئي تڏهن به اهي بهادر سنڌي ، اهي ادارا ۽ اهي فرد انصاف کي انصاف ڏيارڻ لاءِ روڊن ۽ رستن تي بيٺا رهيا هئا. ان سڄي ڪوس جي پٺيا ڪهڙا هٿ لڪل هئا، ڪهڙيون قوتون انهن هٿن جي پٺڀرائي ڪري رهيون هيون سا سڀني کي خبر آهي. اها ڳالهه هاڻي لڪل ڇپيل رهي ئي ڪانهي.

ان سڄي ڏينهن جي جنگ کانپوء، رات جي ڪاري ٻاٽ ۾ جڏهن انهن شهيدن جا لاش پنهنجن پنهنجن ماڳن ڏانهن واپس وريا هئا، تڏهن اها بدگماني واري آس ئي هئي جيڪا انهن گهرن ۾ ڏک ۽ تڪليف واري باهه کي وسائڻ جا وس ڪري رهي هئي. انهن سڀني ڄاتو پئي ته اهي انصاف جا شهيد آهن. انهن انصاف کي انصاف ڏيارڻ لاءِ انهن دهشتگردن سان مهاڏواٽڪايو هيو جيڪي وحشي ۽ درندا هجڻ سان گڏوگڏ سدائين انڌ ۽ بربيت جي انڌي گهوڙي تي سوار هوندا آهن. جنهن جي تربيت ئي ڪرائي جي قاتلن واري ٿيل آهي. جنهن پنهنجن ذاتي ۽ فردي مفادن جي پورائي لاءِ صرف اهو ئي رستو چونڊي کيو آهي.

اهي سبب وارڌاتون، ظلم ۽ موت جو کاڄ بڻيل ماڻهو انصاف جي آس بڻيل ماڻهن اڳيان ڦرندا رهيا هئا. ٽي چينل ۽ اخبارون اهڙن ڪهري ڪاررواين سان ڀريل هيون. اها جنگ شاهه لطيف جي هن سٽ وانگر هلندي رهي؛

“جيئن  جيئن ڏمرڪن، تيئن تيئن نشا نينهن جا”،

نيٺ مارچ 2009 ۾ انصاف کي انصاف پلئو پيو. پر اهو ڪنهن نه جا تو هيو ته اهو انصاف ته صرف ڪرسي تي ويهڻ لاءِ مليو هيو. ان انصاف وٽ ته ايترا به اختيار ڪو نه هئا ۽ آهن جو سندس استقبال لاءِ آيل مارجي ويل ماڻهن سان انصاف ڪري سگھي. انهن 58 مارجي ويلن فردن ۽ سون جي تعداد ۾ معذور ٿيل ماڻهن جي داد فرياد ٻڌڻ لاءِ ڪورٽ سڳوريون خاموشي واري چادر اوڙهي سمهي رهيون آهن. جج صاحبان ڄڻ ته ان سڄي ڪربلا ئي قصي جا شاهد ئي ڪين هئا. ڄڻ اهو 12 مئي وارو قصو صديون پراڻو ۽ ڪاهه ڪوف جي منگهڙت ڪهاڻي لڳندي هجي. ڄڻ ته اهو 12 مئي وارو ڏينهن مڻن جي دز۾پورجي ويوهجي جنهن کي ڳولهڻ لاءِ وڏي لاڳت ۽ ججھن وسيلن جي ضرورت هجي.

بحالي کان پوءِ واري ورتل واٽ الائي جو ڇو سنڌي قوم اڳيان تڪڙي چٽي ٿي آئي هئي ۽ اسان اهو سمجهي ويا هئا سين ته هي اهو انصاف هرگز ڪونه هيو جنهن جي لاءِ روڊ تي نڪتا هئا سين. جنهن لاءِ لٺيون کاڌيون سين ۽ جنهن لاءِ ڳڀروشهيد ٿيا هئا. هي انصاف ٽوپي ۽ اجرڪ جي لڄ  کي ڪٿي ٿو سمجھي سگھي. هي انصاف ته هيو ئي پنهنجي ڪرسي بچائڻ لاءِ. ٽن سالن جي عرصي ۾ ان انصاف کي اهو ڪڏهن به نظر ڪو نه آيو ته سڀ کان پهريان پاڪستان جي گهر ڪندڙ سنڌ، جيڪا قدرتي وسيلن سان مالامال هوندي به پاڪستان اندر سڀ کان وڌيڪ ڀوڳي پئي.

هن انصاف جو انصاف ته ڏسو سنڌ جنهن انصاف جي بحالي ۾ سڀن کان وڏيون قربانيون ڏنيون، چيف جسٽس جي بحالي لاءِ روڊن ۽ رستن تي نڪري آئي، پر جڏهن هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ جج ڀرتي ڪيا ويا ته سنڌي ڄڻ ته ان سڄي اهليت واري ذمري مان ئي ڪٽجي ويا. سنڌ جي هاءِ ڪورٽن ۽ سپريم ڪورٽ ۾ غير سنڌي جج ڀرتي ڪري سنڌين کي انصاف سا نوازيوويو. 

سنڌ جي ڦر لٽ، وسيلن تي ڌاڙا، پاڻي جي چوري ۽ پنجاب طرفان سينا زوري، معاشي پول جي آيل حصي ما به ڪٽوتي ڪري ترقي جي مد ۾ پٺتي ڌڪيو ويو آهي. سنڌ اندر ڪم ڪندڙ بين الاَقوامي ادارن ۽ ڪمپنين ۾ پٽيوالي کان وٺي اعليٰ آفيسر تائين ٻين صوبن ۽ قومن جا ماڻهو، گھرائي ڀرتي ڪيا وڃن ٿا. وفاق اندر سنڌ جي ڪوٽا تي سڀني غيرسنڌين کي نوڪريون ڏنيون وڃن ٿيون.

رياستي ادارن طرفان دهشتگردن جي پٺڀرائي ڪري سنڌي نوجوان لاءِ ڪراچي جي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جا دروازا بند ڪرائڻ واري پاليسي نافذ ڪرڻ، امن امان واري صورتحال ڏهڪاءَ ۽ خوف واري پيدا ڪرڻ ته جيئن ماڻهو پنهجي ئي گھر اندرغير محفوض ۽ خوف واري ڪيفيت ۾ ورتل هجي. هتي سياسي ڪارڪن ۽ انساني حقن جي ڳالهه ڪندڙن کي کنڀي، قتل ڪري ۽ انهن جا لاش ساڙي ڇڏڻ تي ڪو به سوئو موٽو ايڪشن نٿو کنيو وڃي. انهن سڀني قومي ناانصافين جي انصاف لاءِ نٿو ڳالهايو وڃي. پر جڏهن سندسن ئي فيصلي جي رد عمل ۾ ڪو عوامي اّظهار ٿئي ٿو ته تفصيل گهرايا وڃن ٿا. انهن تفصيلن جو ڪاٿو لڳائي سياسي ۽ سماجي اڳواڻن کي ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ لاءِ چيو وڃي ٿو.

ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي ته مالي نقصان جيڪو لکين ڪروڙن جو ٿي سگهي ٿو ڳڻپ جي ذمري ۾ اچي ٿو پرسوين جانيون موت جو کاڄ بڻجن ٿيون انهن لاءِ نه ڪي دهشتگرد، نه ڪي جوابدار ۽ نه ڪي غير قانوني طور تي طاقت جو استعمال ڪندڙ فرد ۽ گروهه ڪورٽ سڳوري پيش ڪرائي سگهي ٿي.

پاڪستان جي انساني حقن جي اداري جي تازي شايع ٿيل رپورٽ ٻڌائي ٿي ته ٿورڙي عرصي ۾ سنڌ اندر سانگھڙ ۽ لاڙڪاڻي جي ڀرسان حساس ادارن ۽ پوليس اهلڪارن هٿان چٽي ڏينهن ۾ ڪي ئي ماڻهو ماريا ويا آهن ۽ انهن جون شڪلون به مٽايون ويون آهن ته جيئن انهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگھي. ايڏي وڏي وهشي پڻي ۽ غيرانساني سلوڪ ته به ڪورٽ سڳوري پنهنجن مصروفيتن سبب ڌيان نه ئي سگھي آهي.

ڦرلٽ، ڌاڙا، اغوا ۽ قبيلائي جهيڙن ۾ سوين ماڻهو بيدردي سان قتل ڪيا وڃن ٿا. توڙي جو پاڪستان ۾ رهندڙ سڀني ماڻهن کي پاڪستاني ۽ UNHCR جي قانون تحت تحفظ حاصل آهي ته هر ماڻهو پنهنجي زندگي پنهنجي مرضي مطابق گهاري سگهي ٿو. رياست هر ماڻهو جي تحفظ کي يقيني بڻائيندي ۽ هر ماڻهو جي بنيادي حقن جي حاصلات لاءِ گهربل حالتون ۽ ماحول پيدا ڪندي. پر انهن سڀني قانونن ۽ بين الاقوامي بلن جي ڀيل ڪئي پئي وڃي.  پرانهي جي باوجود به موجوده ڪنهن به ڪورٽ يا انصاف جي اهڃاڻن ۾ اهڙي خدداري، همت يا طاقت ئي ڪونهي جواهڙي طرز حڪمراني ۽ رياستي ڪردار کي چيلينج ۽ تنڀيح ڪري سگهي.

افسوس جو اهي سڀ قربانيون، جدوجهد ۽ تحريڪون وري به ڪو کڙ تيل نه ڏئي سگهيون آهن ۽ نه ئي ماڻهن کي انصاف پلئي پئجي سگهيو آهي. ٻيو ته ٺهيو پر اڄ به اهي 58 خاندان جنهن جا ڀرجهلو، لکتِ جگر، سرڦريا ۽ انصاف جي پاسداري ڪندين 12 مئي 2007 تي دهشتگردن جي دهشت جو نشانو بڻجي ويا پرانهن جا وارِث اڄ به خدا جي درٻار ۾ پٽيشن داخل ڪري ٻڌڻي لاءِ قطار ۾ بيٺل آهن ۽ واجهائي رهيا آهن ته ڪڏهن انصاف جي شهيدن کي انصاف پلئي پوندو؟



No comments:

Post a Comment