Sunday 29 May 2011

پاڪستان مسلم ليگ ن جي سياست ۽ سنڌ ۾ نئي ٺهندڙ اتحاد جا امڪان

پاڪستان مسلم ليگ ن جي سياست ۽  سنڌ ۾ نئي ٺهندڙ اتحاد جا امڪان

عبدالجبار ڀٽي

سياسي ۽ قومي مفادن لاءِ سياسي پارٽين جي سربراهن سان ملڻ، اتحاد ٺاهڻ ۽ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ۾ ڪو به هرج ڪو نهي. هونئن به سنڌ، پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ اهڙن سياسي اتحادن ۽ گڏيل جدوجهد جو گهر رهي آهي. قومپرست توڙي وفاق پرست  سياسي پارٽيون اهڙن اتحادن ۽ گڏيل جدوجهدن ۾ وڏو تجربو رکن ٿيون.  اهي سياسي اتحاد ڪڏهن قومي  ۽ ملڪي سياست کي ۾ بهتريون آڻڻ لاءِ ٺهندا آهن ته ڪڏهن وري  وڏي سرڪار جي اشاري تي ٺاهيا ويندا آهن. جڏهن ميان صاحب  جي پهرين دور حڪومت ۾ پونم اتحاد  ٺهيو هو ته ان ۾ پاڪستان مان سڀ اهي سياسي پارٽيون شامل ٿيون هيون جيڪي ننڍين قومن جي  نمائندگي ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن جي حقن جو آواز  به بڻيون هيون . تڏهن به انهن جي صدا اها ئي هئي ته پاڪستان اندر قومن کي برابري جي بنياد تي نه صرف هلايو وڃي پر انهن کي معاشي، سماجي، ثقافتي ۽ سياسي حق برابري جي بنيادن تي ڏنا وڃن. ان اتحاد جي بينر هيٺ ڏاڍي زور شور سان جدوجهد هلندي رهي. پاڪستان اندر ننڍين قومن جي حقن جي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي. انهن جلسن ۽ جلوس جي  ذريعي اهي سياسي سماجي ۽ معاشي حق ته ڪو نه مليا ۽ نه ئي اهي ملڻا هئا. نيٺ اهو اتحاد به مختلف اختلافن جي ور چڙهي ويو ۽ ان اتحاد ۾ شامل سياسي پارٽيون نيٺ ماٺ ڪري پنهنجي پراڻي ڌنڌي سان لڳي ويون.
                          
ان کان پهريان به، سائين جي ايم سيد جي موجودگي ۾ قومپرست سياسي پارٽين جو سنڌ قومي اتحاد نالي هڪ اتحاد ٺهيو هو. توڙي جو ان اتحاد تمام سٺا نتيجا  ڏنا هئا،  پر پوءِ به اهو اتحاد ڪجھ سببن جي ڪري هلي ڪونه سگھيو هو. اهڙي طرح سنڌ ۾ ٻيا به ڪيترائي اتحاد ٺهندا ۽ ڊهندا رهيا آهن. انهن سڀني جي سببن کي جانچي ڏسبو ته ڳالهيون مڙي ٻه چار ملنديون جيڪي ئي انهن اتحادين جي ٽٽڻ جو سبب بڻيون آهن.  مثال طور اتحاد ۾ شامل ڌرين جي حڪمت عملي تي هم آهنگي نه هئڻ،  اتحاد کي يرغمال ڪري پنهنجا ذاتي مفاد پورا ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ ، طئي ٿيل مقصد کان پاسيرو ٿيڻ،  اتحاد ذريعي پنهنجي ذاتي سگهه ۽ طاقت کي وڌائڻ ج بي وجا ڪوشش ڪرڻ يا  ان کان به وڏو مسئلو اڳواڻي تان رهندو آيو آهي.

ويجهڙائي ۾ سنڌ به اهڙن اتحاد جي پس منظر ۾ ٻه سٺا تجربا ڪيا آهن. هڪڙو تجربو ته سپنا وارو جيڪو هڪڙي لحاظ کان تمام سٺو ثابت ٿيو آهي. جنهن قومپرست سياست ۾ نوان رجحان ۽ لاڙا پڻ متعارف ڪرايا آهن. هي ئي واحد اتحاد رهيو آهي جنهن ۾ هر اتحادي سياسي پارٽي هڪٻئي کي ايڊجسٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. يقينن ان اتحاد کي ٽوڙن، ان ۾ ڏار وجهڻ يا ان کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي شعوري ۽ لاءِ شعوري ڪوششون ٿيون هونديون پر پوءِ به  سڀني ڪمزورين سان گڏ هي اتحاد بهتر نموني هلي سگهيو آهي.

انهيءَ کانپوءِ ٻيو وڏو تجربو سڌي قوم گهر شماري واري مسئلي تي گڏجي جدوجهد ڪرڻ تي ڪيو آهي. اها وڏي تبديلي ڏٺي ۽ سمجهي وڃي ٿي جنهن ۾ سڀئي قومپرست ۽ وفاق جي سياست ڪندڙ سياسي پارٽيون هڪڙي قومي مسئلي تي گڏ گڏ بيٺون آهن. انهيءَ ڳالهه سنڌ اندر ڪيترن ئي سڄاڻ ۽ پڙهيل لکيل ماڻهن اندر هڪ نئين سوچ ۽ نئين اميد پيدا ڪئي آهي. ان اميد مان ڦٽندڙ باک سنڌي قوم ۾ قومپرست سياست ڏانهن تبديل ٿيندڙ روين جا ٻج پڻ ڇٽيا آهن ۽ مختلف سياسي ۽ سماجي حلقن اندر بحث مباحثا به شروع ٿيا آهن.

اڳ وانگيان هي اتحاد به پنهنجي ڌرتي تي پنهنجن ماڻهن جي صحيح ۽ مڪمل ڳڻپ جي گهر  ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو آهي ۽ دنيا ۽ پاڪستان جي گهڻ گهرن کي اهو بار بار ٻڌائي رهيو هو ته بابا سنڌي قوم پنهنجي جدا تاريخ، ثقافت، ٻولي، وسيلن ۽ جاگرافي حدن سان الڳ ۽ نمايان حيثيت رکي ٿي. هن ڌرتي تي سنڌي ئي سڀ کان وڌيڪ ۽ ڌرتي ڌڻي آهي.ڇاڪاڻ جو پاڪستان اندر پنجابي پناهه گير ٽولي سدائي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪري انهن جي وسيلن ڦر لٽ  ۽ انهن جي شهرن تي قبضا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. خبر ناهي اهي الائي ڪهڙا سياسي ۽ معاشي مفاد آهن جيڪي ڪجھ  سياسي ڌرين کي ڪنن ۾ ڀڻڪا ڏئي انهن کي ماٺ ٿيڻ ، سستي ڏيکارڻ، پوئتي کسڪي وڃڻ  ۽ عدم دلچسپي واري روش ڏانهن وٺي وڃڻ چاهن ٿا. افسوس جو سنڌ ۽ سنڌين جي نالي تي سياست ڪرڻ وارن کي سنڌ جي مفادن کان مٿاهان ٻيا ڪهڙا مفاد، اچانڪ نظر اچي ويا آهن جن انهن کي خاموش ۽ ماٺ ڪرڻ لاءِ اتساهيو آهي.

جيڪڏهن اهي مفاد تخت لاهور جي نوابن جا اڱڻ تي ڏنل پيرڙا آهي ته پوءِ اها تاريخ ۾ سياسي غلطي سان گڏوگڏ سنڌ ۽ سنڌين سان ويساه گھاتي به ليکبي. ڇاڪاڻ جوگذريل ٻه ڏهاڪن جي تاريخ ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن جا عمل ڪهڙي سنڌي  جي اکين اڳيان اوجھل رهيا آهن. پاڪستان مسلم ليگ ن جيڪا پنهنجي جوهر ۾ پنجاب جي مفادن جي نگهبان ۽ نگراني ڪندڙ سياسي جماعت  کانسواءِ ڪجھ به ڪونه آهي . هي جماعت نظرياتي طور به وهابين ۽ صلافين جي نمائندا پارٽي رهي آهي جيڪا ڳالهه به سنڌ جي بنيادي روح، نظريي امن، رواداري ۽ ڀائيچاري جي بلڪل  ابتڙ آهي. ان هشي ته پاڪستان اندر مذهبي انتهاپسندي ۽ فرقيواريت جا ٻج ڇٽيا آهن. جنهن به سنڌ جي ان محبتي ۽ امن واري روح کي شيهو رسايو آهي. جنهن جو نتيجو اسان اتر سنڌ  ۾ وڌنڌڙ مذهبي انتهاپسندي جي شڪل ۾  ڏسي رهيا آهيون

ٽي وي چينل، اخبارون، اسيمبلين جي ايونن  ۾ ٿيندڙ تقريرون رڪارڊ تي موجود آهن جنهن مان پاڪستان مسلم ليگ ن ۾ ويٺل ماڻهن جي سنڌ ۽ بلوچستان ڏانهن روش جي پرک پوي ٿي. اهي ن ليگ جا اڳواڻ جيڪي پنجاب کانسواءِ پاڪستان جي باقي حصن، خصوصن سنڌ ۽ بلوچستان کي پنهنجي ڪالوني سمجهندا آهن  ۽ ورتاءُ به آقائن وارو ئي ڪندا آهن. جڏهن هو سنڌ ۽ بلوچستان سان مخاطب ٿيندا آهن ته ڄڻ ته هو ڪو پنهنجن غلامن سان مخاطب ٿيندا هجن.

محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي پهرين دور حڪومت  ۾ جڏهن سنگاپور جي ڪمپني جي معا هدي سان ڪيٽي بندر رٿا شروع ٿي هئي ته ان ڳالهه ان سڄي ٽولي کي چڙ ڏياري ڇڏي هئي ۽ انهن پنهنجي لاءِ اهو حدف ٺاهي ڇڏيو هو ته هو ان رٿا جون ڌڄيون اڏائي ڇڏيندا. پوءِ ٿيو به ائين ئي، محترم ميان نواز شريف صاحب پنهنجي حڪومت ۾ ايندي ئي سنڌين کي پهريون نياپو اهو ڏنو ته هن ان سڄي رٿا جنهن تي ڪروڙين رپيا خرچ ٿي چڪا هئا کي ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ ٻيو سنيهو  هي هو ته سوئي گئس ۽ پي آئي اي مان هزارن جي تعداد ۾ سنڌين کي نوڪرين مان ڪڍيو  ويو هو.

پاڻي سنڌ لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو بڻيل رهيو آهي. پر ان  سنڌ جي پاڻي ڏانهن  پاڪستان مسلم ليگ ن جو رويو ڪهڙو رهيو آهي، اهو به سڀني کي خبر آهي. جڏهن نواز شريف جي پهرين دور حڪومت ۾ مشهور 1991  وارو پاڻي معاهدو ٿيو هو تڏهن به سڄي سنڌ سراپا احتجاج ۾ هئي. اسان تڏهن به ان معاهدي کي سنڌ دشمن قراري ڏيندين سنڌ جي پاڻي چوري ڪرڻ جي سازش قرار ڏنو هو. پر پوءِ به سينا زوري ڪري ان معاهدي کي سنڌ مٿان زوري مڙهيو ويو هو. پر هاڻي ان ئي معاهدي تحت پنجاب سنڌ کي پاڻي ڏيڻ لاءِ تيار ڪونهي. مٿا وري وقفي وقفي سان ڪالاباغ ڊيم جو رينگٽ رچائيندا رهن ٿا. جڏهن به پنجاب کي پنهنجا مفاد پورا ڪرڻا هوندا آهن ته پاڪستان مسلم ليگ ن ڪالا باغ ڊيم جو هڏائون پڃرو قبر مان ڪڍي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪڻ وارا ڪم ڪندا رهندا آيا آهن.

ويجھڙائي ۾، پاڪستان مسلم ليگ ن جي مالڪ ڇوٽي ميان صاحب جو بيان تي ڪراچي کي الڳ صوبو ٺاهيو وڃي ڏيڻ جي باوجود به ميان صاحب الائي جي ڪهڙي خوشفهمي جي ڪوڙه ۾ ورتل آهي ته سنڌي سندس کي جيئن ۾ جايون ڏيندا. ميان صاحب کي ايترن سالن ۾ سنڌ جا قومپرست ۽ اديب هاڻي ياد پيا آهن جڏهن پاڪستان مسلم ليگ ن کي سياسي طرح  قومي ۽ بين القوامي سطح  تي اڪيلو ڪيو ويو آهي. جڏهن هن پنهنجا سڀئي دروازا بند ٿيندي ڏٺا تڏهن هن کي سياسي جياپي لاءِ صرف ڪهڙو ئي دڳ سجهيو پئي ته حڪمران جماعت کي بليڪ ميل ڪرڻ لا پي پي پي مخالف سياسي جماعتن سان هٿ ملائجي جيڪو صرف سنڌ ۾ ممڪن ٿي پئي سگھيو. جڏهن ميان صاحب سنڌ ۾ اچڻ جي پئي ڪئي ته هن کي هتان جي ڪجھ ڌرين اها پڪ ڏني هئي ته هن  جو وڏو آڌر ڀاءُ ڪيو ويندو. سڀ سنڌي  هٿن ۾ گلن جا هار کنيو بيٺا هوندا. پر ائين ٿيو ڪونه، ڇاڪاڻ جو اهو هو به ڀلي ڀت ڄاڻي پيو  ته پاڪستان مسلم ليگ ن  جي طرفان هيڏي وڏي مخالفت جي باوجود،  هيڏي وڏي سينا زوري ۽  سنڌ جي وحدانيت تي وار ڪرڻ کانپوءِ اهو ڪيئن ٿو ممڪن ٿي سگھي ته هن کي جيئن ۾ جايون ملن.

ويجھڙائي ۾  پاڪستان مسلم ليگ ن جي چونڊيل نمائندن سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي کي بڻائڻ جي ڀرپور نموني نه صرف مخالفت ڪئي پر ان کي ملڪ دشمن پڻ قرار ڏنو. يادگيريون ڌنڌليون ضرور ٿين ٿيون پرقومن کي پنهجن سڄڻن ۽ مخالفن جا وار ڪڏهن به  ٿا وسرن. سنڌي يادگيري جا ايڏا پڪا ته ڪو نه آهن پر ان جو هرگز اهو مقصد ڪونهي ته انهن کان اهي سڀ ڳالهيون وسري ويو هونديون جنهن جي ڪري هو گذريل 63 سالن کان ڀوڳيندا ٿا اچن.  
آءُ هڪڙي ڳالهه ته سمجھي سگھيو آهيان ته اتحاد، سمجھوتا ۽ گڏيل جدوجهد جا به ڪي اصول ٿين ٿا. جنهن جي بنياد تي مختلف پارٽيون گڏجي ويهي گڏيل مفادن جي حاصلات لاءِ  تحريڪ هلائينديون آهن. پر مونکي خبر ڪونهي ته پاڪستان مسلم ليگ ن جي ان سنڌ دشمن حڪمت عملي ۽ عمل جي باوجود به سنڌ جون ڪجهه قومپرست پارٽيون ان سان اتحاد لاءِ مانديون آهن. صرف انهيءَ لاءِ ته اهو اتحاد پي پي پي دشمن هوندو باقي سنڌ دوست ڪيترو هوندو، ڪهڙا کڙ تيل ڏيندو ۽ سنڌ جي ماڻهن کي ان مان ڪهڙو فائدو ٿيندو سا ڳالهه سندن لاءِ سروڪار جي آهي ئي ڪونه.  ڇا اهي ماڻهو ۽ سياسي پارٽي جيڪا گذريل ٻه ڏهاڪن دوران سنڌ دشمن ايجنڊا تي باقاعدگي سان عمل ڪندي آئي آهي اها ڪيئن ٿي سنڌ دوست ٿي سگهي.

تنهنڪري جيڪي سياسي پارٽيون انهن سنڌ دشمن ٽولي سان اتحادي ٿيڻ لاءِ وڏا ساهه کڻي رهيون آهن انهن کي شايد اڄ جي ان نئين سنڌ جي سوچ وسري وئي آهي. ڇاڪاڻ جو اڄ هر اهو سوچيندڙ ۽  سڄاڻ سنڌي انهن سڀني اتحادن ۽ سنڌ جي مفادن کي چڱي ريت سمجهي ٿو. تنهنڪري اهڙيون سياسي پارٽيون جيڪي سنڌ جي مفادن ۽ سنڌي قوم  خوشحالي ۽ جياپي جي ڳالهه ڪن ٿيون انهن کي پنهنجا سياسي قبلا درست ڪرڻا پوندا تڏهن  ئي وڃي اهي سنڌ جي سوچيندڙ ذهن، سياسي ڪارڪن ۽ سنڌي ماڻهن جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ فڪرمند رهندڙ فردن جي دلين ۾ ڪا جاءِ والاري سگهندا.








No comments:

Post a Comment